ٻارن جي ڊيٽا جمع ۽ استعمال ڪرڻ تي برطانيه ۾ ٽڪ ٽاڪ مٿان اربين ڊالرن جي دعويٰ داخل
ٻارن جي ڊيٽا جمع ۽ استعمال ڪرڻ تي برطانيه ۾ ٽڪ ٽاڪ تي اربين ڊالرن جي دعويٰ داخل ڪئي وئي آهي. انگلينڊ ۾ ٻارن جي اڳوڻي ڪمشنر طرفان برطانيه ۽ يورپ جي انهن لکين ٻارن طرفان اها دعويٰ داخل ڪئي وئي آهي جن ٻارن ٽڪ ٽاڪ جو استعمال ڪيو. بي بي سي موجب جيڪڏهن اها دعويٰ ڪامياب ٿي وئي ته هر متاثر ٻار کي هزارين ڊالر هرجاڻو ملندو. ٻئي طرف ٽڪ ٽاڪ جو چوڻ آهي ته هي ڪيس ميرٽ تي نه آهي ۽ اسان هن ڪيس کي منهن ڏينداسين. رپورٽ موجب درخواست ڏيندڙ وڪيل الزام هنيو آهي ته ٽڪ ٽاڪ ٻارن جي ذاتي ڄاڻ، خاص ڪري فون نمبر، وڊيو، ڪرنٽ لوڪيشن ۽ بايو ميٽرڪ ڊيٽا بنا ڪنهن آگاهي ۽ بنا ٻارن ۽ سندن والدين جي مرضي کانسواءِ جمع ڪري رهيو آهي. ان جي جواب ۾ وڊيو شيئرنگ ايپ چيو آهي ته رازداري ۽ ڄاڻ جي حفاظت ٽڪ ٽاڪ جي پهرين ترجيح آهي.

