ڇهين کان ٻارهين درجي جي شاگردياڻين لاءِ ماهوار وظيفي جو اعلان
بلوچستان حڪومت ڇهين کان ٻارهين درجي جي شاگردياڻين لاءِ ماهوار وظيفي جو اعلان ڪري ڇڏيو. رپورٽ موجب ڇهين کان اٺين درجي جي شاگردياڻين کي ماهوار 500 رپيا ڏنا ويندا، جڏهن ته ميٽرڪ جي شاگردياڻين کي 800 رپيا ملندا. صوبي ۾ انٽر جي شاگردياڻين کي بلوچستان حڪومت طرفان هڪ هزار رپيا فراهم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. بلوچستان حڪومت طرفان اهو فيصلو صوبي اندر عورتن ۾ تعليم کي هٿي ۽ پڙهائي جي شرح ۾ واڌ لاءِ ڪيو ويو آهي.

