ڊائري جا ورق سرمد کوسو May 2021
ڪالهه سڄو ڏينهن پنهنجي ٻَني تي گذريو. جتي گهمندي ڦِرندي فطرت سان ڪچهري جو موقعو ملي ويندو آهي. ٻنين ۾ ڪم ڪندڙ هاري، مال چاريندڙ ڌراڙ، وڻن تي ويٺل پکين جي ٻولين جا آواز، آسمان تي ڇانيل ڪارا ڪڪر، تيز هوائون ۽ وري جڏهن اهي هوائون وڻن جي پنن سان ٽڪرائي مڌر موسيقي کي جنم ڏين ٿيون ته اهي سمورا منظر اندر ۾ لهي ٿا وڃن. ماڻهو، ڪجهه گهڙيون هن نفسانفسي، وٺ پڪڙ ۽ گوڙ گهمسان کان ڪافي ڏور هليو ٿو وڃي ۽ دل چوي ٿي ته ائين ئي قدرتي نظارن جو لطف وٺندي، سموري زندگي گذاري ڇڏجي. سج لٿي جو هاري ٻني جو ڪم ڪار مڪمل ڪري گهرن ڏانهن واپس هليا ويا، ڌراڙ مال ڪاهي واپس وٿاڻن ڏي وريا ۽ پکين به پنهنجا آکيرا وڃي وسايا. ان ويل آئون به انهن خوبصورت منظرن سان ڪچهري ڪندي واپس گهر آيس پئي ته ان وقت آسمان تي لهندڙ سج جي لالاڻ ۽ مختلف رنگن جي ڪڪرن جي پينٽنگ ٿيل هئي ۽ ان وقت ئي هلڪي بوند به وسڻ شروع ٿي. ان وقت، مون وٽ موجود ريڊيي تي استاد محمد يوسف جي سدا بهار آواز ۽ انداز ۾ تنوير عباسي صاحب جا هي ٻول وڄڻ شروع ٿي ويا: “اوھان ناهيو ته پنهنجي دل، بهارن سان ٿا وندرايون. اسان ڏي جي اوهان ايندئو، بهارن کي نه ڏسنداسين.” اهڙي طرح، لهندڙ سج ۽ جهڙالي شام سان گڏ، آئون اِنهن خوبصورت نظارن ۽ استاد يوسف جي ڳايل اِن سدا بهار گيت جي سحر ۾ گُم ٿي ويس…
- استاد، دُنيا جو اُهو خوشنصيب فرد آهي، جنهن کي منظم انداز ۾ ڪيترائي ئي تازا ذهن مِلن ٿا. جيڪي روزاني سندس ادب ۾ اُٿي بيهي سندس آجيان ڪن ٿا، جيڪي روز اُن استاد کان ڪجهه نه ڪجهه نئون پِرائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نه ته اڄ جي دور ۾ ڪنهن مثبت ڪم لاءِ پنج ماڻهو گڏ ڪري کين ڪا ڳالهه سمجهائڻ ايڏي سولي ڳالهه ناهي.
- هڪ استاد لاءِ سڀ کان وڏو انعام اِهو آهي، جو سندس شاگرد سندس سمجهايل ڳالهه سمجهي وڃي ۽ پوءِ اُن شاگرد جي چهري تي اطمينان سان ڀرپور مُرڪ تري اچي. شاگرد ۽ استاد جي ان خوشي کي لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهجي.
- اُستاد جي ذميواري ۾ اِهو به شامل آهي ته هُو شاگردن کي ڪتابن ۾ موجود سبق پڙهائڻ سان گڏ زندگي جو سبق به پڙهائين. اُستاد، شاگرد تائين رڳو معلومات پهچائڻ جو ذريعو نه هجڻ گهرجي، پر اُستاد پنهنجي ڪردار سان شاگردن ۾ اتساهه پيدا ڪري، سندن ڪردار سازي به ڪري. باقي، اڄ جي دور ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جا ذريعا تمام وڌي ويا آهن. گوگل تي سرچ ڪري ڪابه معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
- اُستاد جي ذميواري ۾ اِهو به شامل آهي ته هُو شاگردن کي ڪتابن ۾ موجود سبق پڙهائڻ سان گڏ زندگي جو سبق به پڙهائين. اُستاد، شاگرد تائين رڳو معلومات پهچائڻ جو ذريعو نه هجڻ گهرجي، پر اُستاد پنهنجي ڪردار سان شاگردن ۾ اتساهه پيدا ڪري، سندن ڪردار سازي به ڪري. باقي، اڄ جي دور ۾ معلومات حاصل ڪرڻ جا ذريعا تمام وڌي ويا آهن. گوگل تي سرچ ڪري ڪابه معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي.
- اُستاد، شاگرد جو رول ماڊل هوندو آهي. شاگرد، اُستاد جي هر عمل مان سِکندو آهي ۽ اُن کي چڱي طرح نوٽ به ڪندو آهي. اڪثر شاگرد، استادن جي هر عمل جي ڪاپي ڪري انهن جهڙو ٿيڻ چاهيندا آهن. تنهنڪري اُستاد کي ڪوشش ڪري پنهنجي هر عمل کي مثبت ڪرڻ گهرجي ته جيئن سندس شاگرد، سندس شخصيت مان سُٺيون ڳالهيون سِکي سگهن.
- اُستاد کي آهستي سِکندڙ شاگردن (slow learners) تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙا ٻار وڌيڪ پيار جا طلبگار هوندا آهن. سندن ڳالهين کي غور سان ٻُڌڻ ۽ سمجهڻ جي ضرورت هوندي آهي. اُستاد کي، پنهنجو پاڻ کي اِهڙن شاگردن جي جڳهه تي رَکي، سندن تڪليفن کي دل سان محسوس ڪرڻ جي ضرورت هوندي آهي.
- اُستاد کي پنهنجي شاگرد کي هر ننڍي ڪوشش ۽ ڪاميابي تي همٿائڻ ۽ شاباس ڏيڻ گھرجي. ان سان گڏوگڏ شاگرد مان مثبت اميد رکڻ گهرجي ته هي سماج جو هڪ سُٺو فرد ثابت ٿيندو. ممڪن ٿي سگهي ته شاگرد کي سندس اُن ننڍڙي ڪاميابي تي نوٽ بڪ، پين يا ڪنهن ڪتاب جي صورت ۾ ننڍڙو انعام به ڏيڻ گهرجي. اهي شاباس جا ٻه لفظ، اهو ننڍڙو انعام شاگرد جي ذهن تي سُٺا اثر ڇڏيندو ۽ شاگرد وڌيڪ محنت ڪندو.
- “اُستاد جي مار، ٻار جي سنوار”، منهنجي خيال ۾ اِن ڳالهه کي هاڻي “اُستاد جي تربيت ۽ شفقت، ٻار جي سنوار” ۾ تبديل ٿيڻ گهرجي. ڪابه ڳالهه عزت ۽ پيار سان سُٺي نموني سمجهائي سگهجي ٿي، مار ڏيڻ سان نٿي سمجهائي سگهجي. مار ڏيڻ وارو عمل، ٻار ۾ به ضد ۽ ڪاوڙ سان گڏ انتقامي رَوَيي کي جنم ڏي ٿو. جيڪو ٻار جي ذاتي زندگي سميت اسان جي سڄي سماج لاءِ نقصانڪار آهي. جڏهن ته عزت، احترام ۽ پيار سان ماڻهو هڪٻئي جي دل ۾ جاءِ ٺاهي ٿو. اِها عزت ۽ احترام، اسان کي هڪ فضيلت ڀريو سماج اڏڻ ۾ ضرور مدد ڪندي.
***

