ڪراچي غير قانوني پرڏيهين لاءِ فري زون سنڌ ۽ ملڪي سلامتيءَ لاءِ وڏو خطرو! منصور کوکر سينئر صحافي ڪراچي Sep 2020
سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي اڄ بدامني، بيروزگاري، وڌندڙ گندگي ۽ صاف پاڻي جي کوٽ سميت جَن انيڪ مسئلن کي مُنهن ڏئي رهي آهي ۽ جن کي بهانو بڻائي سنڌ دشمن عنصرَ سنڌ جي ورهاڱي جو مطالبو ڪري رهيا آهن، اُن جو هڪ اهم ۽ وڏو سبب شهر ۾ غير قانوني آباد پرڏيهي به آهن. نيشنل ايلين رجسٽريشن اٿارٽي (نارا) ۽ نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي 2006ع جي جاري ڪيل انگن اکرن موجب مورڙي جي ماڳ ۾ 18 لک پرڏيهي غير قانوني طور آباد آهن، جن ۾ سڀ کان وڏو انگ افغان پناهگيرن جو آهي، جنهن بعد بنگالين، برمين، هندستانين ۽ سريلنڪن سميت ٻين ملڪن کان غير قانوني طور پاڪستان آيل پرڏيهي شامل آهن. غير قانوني آباد پرڏيهين خلاف وقت بوقت حڪومت جي حڪمن تي پوليس ڪارروائي ڪندي آهي، پر اُها ڪارروائي به رڳو ڏيکاءَ لاءِ هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ ته شهر ۾ اثر رسوخ رکندڙ سياسي پارٽيون اُن ۾ وڏي رنڊڪ بڻجي وينديون آهن، مٿان وري پوليس به اُن کي ڪمائيءَ جو ذريعو بڻائي روايتي انداز ۾ گرفتار ڪرڻ بعد “کيسو گرم” ٿيڻ تي آزاد ڪري ڇڏيندي آهي. اُن جو نتيجو اِهو نڪتو آهي ته اڄ هڪ محتاط ڪاٿي موجب شهر جي آباديءَ ۾ 30 لک جي لڳ ڀڳ غير قانوني طور ملڪ ۾ داخل ٿيل پرڏيهي آباد آهن، جن جو مجموعي نقصان رڳو ڪراچي نه، پر سنڌ جي معيشت ۽ امن امان جي صورتحال تي پڻ پئجي رهيو آهي. سنڌ ڏانهن ٻين ملڪن کان ماڻهن جي لڏي اچڻ جي شروعات پاڪستان ٺهڻ کان ترت پوءِ شروع ٿي وئي هئي. سنڌين سان نفرت جو اظهار ڪندڙ ملڪ جي پهرئين وزيراعظم لياقت علي خان جي دور ۾ هندستان کان لکين ماڻهن کي هرکائي ڪراچي آندو ويو. پاڪستان جي قيام کان اڳ اِهو ڪٿي به طئي نه ٿيو هو ته هندستان جي مسلم اقليتي صوبن مان پناهگيرن جا ڪَٽڪ آڻي سنڌ جي شهرن ۾ آباد ڪيا ويندا، پاڪستان رڳو مسلم اڪثريتي صوبن ۾ ٺهڻو هو، پَر پوءِ هڪ اهڙو دوکو ڪيو ويو، جنهن جو سڀ کان وڌيڪ نقصان سنڌ کي پيو آهي.
1940ع جي ٺهراءُ ۾ واضح ٿيل آهي ته پاڪستان هڪ اهڙو ملڪ هوندو، جنهن ۾ وفاق بدران صوبا مضبوط ۽ پنهنجي وسيلن جا مالڪ هوندا، پر ملڪ جي قيام بعد پاڪستان جون واڳون پنجابي ۽ اردو ڳالهائيندڙ بيورو ڪريسي ۽ اشرافيه جي هٿ ۾ اچي ويون، جن 1940ع جي ٺهراءُ کي دفن ڪري آپيشاهي قائم ڪئي ۽ ملڪ جي سڀ کان وڏي صوبي بنگال سميت سنڌ، سرحد (ڪي پي ڪي) ۽ بلوچستان سان ارهه زورائين ۽ استحصال جو سلسلو شروع ٿي ويو. لياقت علي خان هندستان ۾ لساني وڳوڙن کي جواز بڻائي اتان جي مسلم اقليت وارن صوبن جي ماڻهن کي تحفظ، ملڪيتون ۽ روزگار ڏيڻ جا واعدا ڪري پاڪستان ڏانهن لڏي اچڻ لاءِ همٿايو. اردو ڳالهائيندڙ هندستانين کي ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ جو مُک مقصد پنهنجي لاءِ چونڊ تڪ جو انتظام ڪرڻ هو. هندستان مان غير قانوني طور ماڻهن جي آمد جو اُهو سلسلو 1954ع کانپوءِ به جاري رهيو، پر سنڌ جي عوام جي ووٽن سان چونڊجي اقتدار جي مسند تي پهتل سياستدان پنهنجي ذاتي مفادن خاطر اُن معاملي کان ڪن لاٽار ڪندا رهيا. هندستان کان آيل ماڻهن جي آبادي ايتري ته وڌي وئي جو سنڌ جي راڄڌاني واري شهر ڪراچيءَ ۾ سنڌي ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر رهجي ويا. ننڍي کنڊ جي ورهاڱي باوجود سنڌي هندن جي وڏي گهڻائي پنهنجا ڪَک ڇڏڻ لاءِ تيار نه هئي، پر جنوري 1948ع ۾ ڪراچي ۾ هٿ وٺي مذهبي وڳوڙ ڪرائي سنڌي هندن کي پنهنجي ڌرتي ڇڏڻ تي مجبور ڪيو ويو، جنهن بعد سندن خالي ڪيل سمورا گهر، دڪان ۽ ٻيون قيمتي ملڪيتون هندستان مان آيل اردو ڳالهائيندڙن کي ڏئي سندن پير پُختا ڪيا ويا. اڄ اردو ڳالهائيندڙ ڪراچيءَ ۾ سڀ کان وڏي آبادي آهي، جن مان وڏو انگ 1954ع کانپوءِ غير قانوني طور آيلن جو آهي، جنهن وقت هندستان ۾ ڪوبه مذهبي وڳوڙ نه هو، پر اُهي ملڪيتن ۽ سڻڀين نوڪرين جي ڳولا ۾ ڪراچيءَ سميت سنڌ جي ٻين علائقن ۾ آيا. انهن غير قانوني طور آيل هندستانين ۾ وڏو انگ ڀارتي رياست اتر پرديش جي رام پور، مراد آباد ۽ بجنور جهڙن ضلعن مان ڪراچي آيو، جيڪي مسلمانن جي اڪثريت يا هندن جي لڳ ڀڳ آبادي وارا ضلعا آهن. غير قانوني طور آباد ٿيل لڳ ڀڳ سمورا ماڻهو هاڻي سنڌ جو سڃاڻپ ڪارڊ، ڊوميسائيل ۽ پي آر سي رکن ٿا، ايم ڪيو ايمي ڌڙن جو مٿن هٿ هئڻ ڪري حڪومت لاءِ انهن ماڻهن خلاف ڪارروائي هاڻ اڻ ٿيڻي ڳالهه بڻجي چُڪي آهي.
ڪراچي جي آباديءَ ۾ غير قانوني آباد ماڻهن جو ٻيو وڏو تعداد افغانين جو آهي، جن کي نه رڳو پختون مفادن جي سياست ڪندڙ عوامي نيشنل پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام جهڙي مذهبي جماعتن جي پٺڀرائي حاصل آهي، پر پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ (ن) ليگ سميت ڪيترين ئي لبرل وفاقي سياسي پارٽين ۾ به افغان شهري ويٺل آهن، انهن مان ڪيترن ئي ماڻهن مختلف سياسي پارٽين ۽ ڪرپٽ سرڪاري ملازمن جي مدد سان پنهنجا سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيا دستاويز به ٺهرائي ورتا آهن ۽ ڪيترائي سنڌ جي ڪوٽا تي نوڪريون به ڪري رهيا آهن. ساڳي ريت بنگالي، برمي ۽ سريلنڪن سميت مختلف ملڪن مان غير قانوني طور آيل ماڻهن کي به ايم ڪيو ايم سميت شهري سياست ڪندڙ نسل پرست جماعتن جي پٺڀرائي حاصل رهي آهي، جنهن وسيلي نه رڳو انهن جي وڏي انگ جا سڃاڻپ ڪارڊ ٺهيل آهن، پر ووٽ به درج ٿيل آهن. ڪيترائي بنگالي ۽ برمي ايم ڪيو ايم سميت ٻين پارٽين جا ميمبر ۽ عهديدار به رهندا آيا آهن ته اليڪشني اميدوار به رهيا آهن. گذريل عام چونڊن ۾ ته پاڪستان پيپلز پارٽيءَ ڪورنگي جي تڪ مان هڪ بنگالي کي قومي اسيمبليءَ جو اميدوار بيهاري سڀني کي اچرج ۾ وجهي ڇڏيو. بنگالين ۽ برمين جو وڏو انگ مڇر ڪالوني، ابراهيم حيدري، چڪرا ڳوٺ ۽ ڪورنگي سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ رهي ٿو، انهن جو وڏو انگ ماهيگيريءَ جي شعبي سان واڳيل آهي، جڏهن ته ڪيترائي سرڪاري ۽ خانگي نوڪرين سان گڏ مختلف ڪاروبار به ڪن ٿا. افغاني، بنگالي توڙي برمي ڏوهارين جا ٽولا شهر جي مختلف علائقن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ کان علاوه، لينڊ گريبنگ، گهرن ۾ ڌاڙا هڻڻ، واٽهڙن کان ڦرلٽ ۽ ٻارڙن توڙي وڏن جي اغوا سميت سنگين نوعيت جي ڏوهن ۾ ملوث رهيا آهن. خاص طور ڊفينس، ڪلفٽن ۽ ڪورنگي سميت شهر جا مختلف علائقا انهن ٽولن جي ڏوهاري سرگرمين جا خاص هدف هجن ٿا. ڪيترائي ڀيرا اهڙا ٽولا قانون جي گرفت ۾ اچي چڪا آهن، پر پٺڀرائي ۽ پئسي جي زور تي ڪيسن مان آزاد ٿيو وڃن. شهر ۾ اثر رسوخ رکندڙ سياسي پارٽين جو هٿ هئڻ سبب سندن خلاف وڏي ڪارروائي نه ٿي سگهي آهي.
ايم ڪيو ايم جي نسل پرست دهشتگردن 2010ع ۾ جڏهن ڪورنگي ضلعي ۾ قائم سنڌي وسندي چڪرا ڳوٺ مٿان حملو ڪيو هو ته اُن ۾ سَون جي تعداد ۾ بنگالي ۽ برمي ايم ڪيو ايمي دهشتگردن نه رڳو حصو ورتو هو، پر سموري ڪمانڊ انهن جي هٿن ۾ ڏني وئي هئي. اُن سانحي ۾ 5 پوليس اهلڪارن سميت 8 ڄڻا شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا هئا. معاملو اڃا عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، ڪامران ماڌوري، بشارت بنگالي ۽ سهيل ڪمانڊو سميت ڪيترائي دهشتگرد اُن ڪيس ۾ نامزد ۽ گرفتار آهن، جن مان ڪمزور پيروي سبب ڪيترائي جوابدار ضمانت تي آزاد به ٿي چُڪا آهن. شهر ۾ پٺاڻن خلاف مشرف دور ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارروائين ۾ به بنگالين ۽ برمين کي استعمال ڪيو ويو هو، جن هٿان سوين پٺاڻ قتل ٿيا هئا. افغانين جو وڏو انگ سهراب ڳوٺ، جمع ڳوٺ، ڪياماڙي ۽ سائيٽ سميت شهر جي پسگردائي وارن علائقن ۾ آباد آهي، جن مان ڪيترائي ماڻهو منشيات ۽ هٿيارن جي اسمگلنگ سميت اسٽريٽ ڪرائيمز ۾ ملوث آهن. سهراب ڳوٺ جي علائقي ۾ ته انهن پنهنجون ننڍيون ننڍيون رياستون قائم ڪري رکيون آهن، جن ۾ ٻاهريون ماڻهو وڃي ئي نٿو سگهي، ڪجهه هنڌن تي طالبان وارا قانون ۽ قاعدا رائج ٿيل آهن. ڪراچي جيڪا نه رڳو سنڌ جي راڄڌاني، پر سنڌ جي مارئي به آهي، جنهن سان هر سنڌي پنهنجي ساهه جيترو ئي پيار ڪري ٿو، اُن جي اهنجن جو هڪ وڏو سبب اُهي غير قانوني طور وسندڙ پرڏيهي به آهن، جن کي نارا ۾ رجسٽرڊ نه هئڻ ڪري نوڪرين، روزگار ۽ هر قسم جي چُرپر جي آزادي حاصل آهي. فئڪٽرين جا مالڪ انهن غير قانوني پرڏيهين کي اوليتي بنيادن تي ان ڪري رکن ٿا جو اُهي گهٽ پگهار تي ڪم ڪرڻ تي به راضي هجن ٿا، ان کانسواءِ ڪنهن به قسم جي يونين بازي ۾ ملوث نٿا ٿين. فئڪٽرين ۾ ڪم ڪندڙ اڪثر افغاني، بنگالي ۽ برمي جعلي سڃاڻپ ڪارڊ رکن ٿا، جن وٽ سڃاڻپ ڪارڊ ناهن، اُهي فئڪٽرين ۾ ٺيڪيداري سسٽم تحت ڏهاڙي تي ڪم ڪن ٿا، ڪير به جعلي سڃاڻپ ڪارڊ وارن غير قانوني پرڏيهين کي پڪڙڻ وارو ناهي.
هاڻي ضرورت اُن ڳالهه جي آهي ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ غير قانوني آباد پرڏيهين خلاف اثرائتي مهم هلائي کين ملڪ بدر ڪرڻ لاءِ سخت اپاءُ ورتا وڃن يا اهڙن ايلين پناهگيرن لاءِ اهڙا قانون ٺاهيا وڃن جن سان اهي هڪ خاص مدي تائين رجسٽر ڪيا وڃن ۽ ان کانپوءِ انهن کي ڪم ڪرڻ لاءِ مخصوص ورڪ پرميٽ ڏني وڃي، جنهن کي هو مخصوص مدي گذرڻ کانپوءِ تازو ڪرائيندا رهن، اُن سان نه رڳو ڪراچي شهر مان بدامنيءَ جي خاتمي ۾ مدد ملندي، پر شهر جي معيشت کي فائدو رسندو ۽ ڊيموگرافڪ صورتحال به ڌرتي ڌڻين جي حق ۾ ٿيندي. جيڪڏهن اسان اُن معاملي ۾ ڪن لاٽار جاري رکي ته غير قانوني آباد پناهگيرن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو ويندو ۽ ڪراچي غير قانوني پناهگيرن لاءِ مڪمل فري زون جي حيثيت اختيار ڪري ويندو، جيڪو نه صرف سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي، پَر ڏور رس نگاهه سان ڏسجي ته اُن سان ملڪي سلامتي به سخت متاثر ٿي سگهي ٿي.

