ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جا 149 نوان ڪيس ظاهر، انگ 5185 ٿي ويو

پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس سبب وڌيڪ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ فوتين جو انگ وڌي 88  ٿي ويو آهي، جڏهن ته 149 نوان ڪيس سامهون آيا آهن جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ متاثرن جو تعداد 5185 تائين پهچي ويو آهي. سنڌ صوبي ۾ فوتين جو انگ 30 ٿي ويو آهي. ملڪ ۾ ڪورونا سبب فوت ٿيل 88 ڄڻن مان 31 ڄڻا خيبر پختون خواهه، سنڌ جا 30 ۽ پنجاب جا 21 ڄڻا شامل آهن. ان کانسواءِ گلگت بلتستان ۾ 3، بلوچستان ۾ 2 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿيو آهي. سڄي ملڪ ۾ 149 نون ڪيسن ۾ سنڌ 93، پنجاب 39، گلگت بلتستان 8، آزاد ڪشمير 6، بلوچستان 2 ۽ اسلام آباد ۾ 1 ڪيس سامهون آيو. سنڌ ۾ 93 نوان ڪيس سامهون اچڻ کانپوءِ متاثرن جو گڏيل انگ 1411 ٿي ويو آهي. مرتضيٰ وهاب  موجب وڌيڪ 18 ڄڻا صحتياب آهن، جنهن کانپوءِ صوبي ۾ صحتياب ٿيندڙن جو انگ 389 ٿي ويو آهي

 

 

 

 

 

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments