262 معطل ٿيل پائليٽن جون سندون ۽ لائسنس صحيح آھن: وزارت ھوا بازي

وزارت هوا بازي انڪشاف ڪيو آهي ته 262 معطل ٿيل پائليٽن جون سندون ۽ لائسنس صحيح آهن، پر تصديق جي عمل ۾ بي ضابطگيون منظر عام تي آيون آهن، جن تي 28 پائليٽن جا لائسنس منسوخ ڪيا ويا جڏهن ته 80 کي معطل ڪيو ويو آهي. سينيٽ جي قائمه ڪميٽي ايوي ايشن بابت ايوان جي اجلاس ۾ سيڪريٽري هوا بازي پائليٽن جي ڊگرين ۽ لائسنس بابت بريفنگ ڏني. وفاقي سيڪريٽري چيو ته پائليٽن جي 262 لائسنسن ۾ بي ضابطگيون مليون آهن جن تي 28 پائليٽن جا لائسنس منسوخ ڪيا ويا جڏهن ته 80 کي معطل ڪيو ويو آهي. ڪميٽي جي رڪن سينيٽر مصطفيٰ نواز پڇيو ته ڇا انهن 262 پائليٽن جون ڊگريون درست آهن؟ جنهن تي سيڪريٽري چيو ته ها صحيح آهن. بعد ۾ مصطفيٰ نواز پڇيو ته ڇا لائسنس به نقلي آهن؟ جنهن تي سيڪريٽري هوا بازي چيو ته لائسنس ٺيڪ آهن جنهن کانپوءِ مصطفيٰ نواز چيو ته ان جي توثيق دوران ڪو مسئلو يا بي ضابطگي ٿي آهي، وفاقي سيڪريٽري چيو ته ها ائين ئي آهي. سينيٽر مصطفيٰ نواز چيو ته ثابت ٿي ويو وفاقي وزير غلام سرور خان جي بيان مان عالمي سطح تي پي آءِ اي کي نقصان ٿيو آهي جنهن تي وفاقي وزير هوا بازي غلام سرور خان چيو ته اسين پنهنجون غلطيون سڌاري رهيا آهيون. اسان کي اندازو هو ته رد عمل اچي سگهي ٿو پر اسان جي نيت صافي هئي. ٻئي طرف سينيٽر شيري رحمان ۽ سينيٽر مصطفيٰ نواز اجلاس مان اٿي هليا ويا ۽ وفاقي وزير جي استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو. سيڪريٽري ايوي ايشن سينيٽ جي قائمه ڪميٽي کي ٻڌايو ته سڄي دنيا ۾ پي آءِ اي جي اڏامن تان پابندي هٽائڻ لاءِ هوا بازي بين الاقوامي ادارن سان رابطي ۾ آهيون، هو نومبر ۾ اجلاس ڪري پابندي هٽائڻ جو فيصلو ڪندا، پر ان کان اڳ به اهو ممڪن ٿي سگهي ٿو.

0 0 vote
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments