بحيره عرب ۾ 26 منٽن دوران زلزلي جا 3 جهٽڪا
بحيره عرب ۾ 26 منٽن دوران زلزلي جا 3 جهٽڪا محسوس ڪيا ويا، آمريڪي جيولوجيڪل سروي مطابق پهرئين زلزلي جو جهٽڪو 2:34 منٽن تي محسوس ڪيو ويو جنهن جي شدت 5.1 ۽ گهرائي 40 ڪلوميٽر هئي، زلزلي جو ٻيون جهٽڪو 2:44 منٽن تي آيو جنهن جي شدت 5.5 ۽ گهرائي 10 ڪلوميٽر هئي ۽ زلزلي جو ٽيون جهٽڪو 3 وڳي آيو ۽ ان جي شدت 5.3 ۽ گهرائي 60 ڪلوميٽر هئي.