ڪشمير تي ڀارتي فوج جي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿي ويا، اڄ ڪشميري ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن
ڪشمير تي ڀارتي فوجي قبضي کي 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪنٽرول لائن جي ٻنهي پاسي ڪشميري عوام اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيو آهي. ڄمون ۽ ڪشمير جي وڏي حصي تي ڀارت جي غاصباڻه قبضي کي 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪاري ڏينهن جي موقعي تي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي خاص پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947 تي ڀارت پنهنجي فوج والاريل ڪشمير ۾ لاٿي. هن وڌيڪ چيو ته ڀارت 5 آگسٽ 2019 تي هڪ مذموم مهم جو آغاز شروع ڪيو، اهي غير قانوني قدم سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ جنيوا ڪنوينشن جي خلاف ورزي آهن.
والاريل ڪشمير تي ڀارتي قبضي جي تلخ ياد ۾ رات 12 وڳي ڪشميرين ڀارتي فوجي قبضي خلاف احتجاج شروع ڪيو. مظفرآباد ۾ مظاهرين طرفان هٿ ۾ ڏياٽيون کڻي ريلي ڪڍي وئي.

