نئون

سنڌ ۾ ڪرپشن باقي صوبن کان وڌيڪ ٿي رهي آهي: عمران خان

تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته سڀ کان وڌيڪ ڪرپشن سنڌ ۾ ئي ٿي رهي آهي. سنڌ جي ماڻهن جو پئسو وڌيڪ چوري ٿي رهيو آهي. صوبي ۾ ظلم ۽ لاقانونيت آهي. ڇنڇر جي ڏينهن تي هن هڪ وڊيو پيغام ۾ اعلان ڪيو ته هو سنڌ ۾ آچر ڏينهن هڪ اهم پيغام ڏيندو.