مزدور رهنما ڪرامت علي کان (مئي 2016) ۾ ورتل اهم انٽرويو
مزدور رهنما ڪرامت علي کان (مئي 2016) ۾ ورتل اهم انٽرويو
زاهده ابڙو
همسري: توهان ڪرامت صاحب جو تعارف هڪ مزدور رهنما جي طور تي ڪيئن ڪرائيندئو؟
ڪرامت علي: مون 1972ع ۾ ٽريڊ يونين ۾ ڪل وقتي ڪم شروع ڪيو هو ان وقت “متحده مزدور فيڊريشن” هوندي هئي. خاص طور تي اها سنڌ ۾ ڪم ڪندي هئي ان ۾ آئون به شامل ٿيس، عثمان بلوچ اسان جو صدر هوندو هو. بنگلاديش ٺهڻ کانپوءِ اولهه پاڪستان جا ڪيترائي ڪارخانه بنگلاديش ۾ رهجي ويا. ٽيڪسٽائل جي صنعت ۾ هڪ وڏو بحران اچي ويو. ڪافي مزدورن کي پگهارون نه مليون هيون جنهن زماني ۾ جنگ هئي ته ڪيترن مزدورن کي ملازمت مان ڪڍيو ويو هو وري انهن کي روزگار سان لڳائڻو به هو. ڪيترائي جيل ۾ هئا انهن جي رهائي جو به مسئلو هو، پيپلز پارٽي مزدورن جي حقن جي ڳالهه اٿاري ووٽ حاصل ڪيا هئا ته انهن جا اهي مسئلا به ان کي حل ڪرڻا هئا، جيڪي ان طريقي سان حل ٿي نه رهيا هئا. ان ڪارڻ ورڪرز ۾ ڪاوڙ وڌي رهي هئي. آئون متحده مزدور فيڊريشن جو آرگنائيزنگ سيڪريٽري هئس. 1974ع ۾ متحده مزدور فيڊريشن سنڌ جو جنرل سيڪريٽري چونڊجي آيس ۽ ٻن سالن تائين رهيس. پوءِ پنهنجي فيڊريشن کي يونائيٽيڊ فيڊريشن ۾ ضم ڪري ڇڏيوسين. پوءِ ان جو وائيس پريزيڊنٽ ٿيس. 1995ع ۾ پاڪستان مشترڪه ورڪرز فيڊريشن ٺهي، 1996ع ۾ سائوٿ ايشين ليبر فورم ٺهي ان جو ڪنيوينر رهيس. انٽرنيشنل ٽريڊ يونين سان گڏ ڪم ڪيم. 2011 ۾ پاڪستان طرفان آءِ. ايل. او جي ڪانفرنس ۾ ويس.
همسري: هينئر پاڪستان ۾ مزدور تحريڪ ڪٿي بيٺي آهي ۽ سڄي دنيا ۾ ان جي صورتحال ڇا آهي؟
ڪرامت علي: دنيا ۾ 1980ع کان مزدور تحريڪ ۾ گهٽتائي آئي آهي، يورپ هجي، آمريڪا يا ترقي پذير ملڪ هجن وڏي پئماني تي مزدور تحريڪ پوري دنيا ۾ 1980ع کان ڪمزور ٿيندي وئي آهي. يورپ کان آمريڪا تائين ٺيڪيداري نظام اچي ويو. پبلڪ سيڪٽر طاقتور ٿيندو ويو ۽ 1970ع کان برطانيه ۾ نجي سيڙپڪاري شروع ٿي يونينون ختم ٿينديون ويون. مزدورن جون يونينون گهڻو ڪري پبلڪ سيڪٽر ۾ هيون سي نجي سيڙپ ڪاري ڪري ختم ٿينديون ويون. 51-1950 ۾ تقريبن 25 سيڪڙو ماڻهو يونين جا ميمبر هئا. ان شيءَ کي ايوب خان جي آمريت اچي ختم ڪيو. 1959ع کانپوءِ يونينز تي پابندي لڳائي وئي. 1947ع ۾ انگريزن (ٽريڊ ڊسپيوٽ ايڪٽ) ٺاهيو هو جنهن مطابق صنعتي جهيڙا نبيريا ويندا هئا. هتي صنعتڪاري شروع ٿي ته 1969ع ۾ جڏهن انڊسٽريل ايڪٽ ٺاهيو ويو جنهن ۾ يونين ٺاهڻ جو حق محدود ڪيو ويو، جنهن جا منفي اثرات نڪتا ۽ مضبوط يونين سازيءَ جي رستا روڪ ڪئي وئي، پوءِ ٺيڪيداري نظام ان کي وڌيڪ ڌڪ هنيو آهي. اسان وٽ سماجي فرقه واريت هر سطح تي وڌي وئي هئي. جڏهن ماڻهو ڪراچي اچڻ لڳا ته ان ۾ سنڌي مزدور ۽ هاري پنهنجي زمينن سان لاڳاپيل هجڻ ڪري ڪراچي نه اچي سگهيو ۽ گهڻو مزدور ٻاهران آيو جنهن ڪري هو هتي يونين جو حصو نه بڻجي سگهيو، جنهن مزدور يونين کي طاقتور ٿيڻ نه ڏنو. ٻين ملڪن ۾ اسان کان بهتر ليبر قانون موجود آهن. جيئن انڊيا ۽ سريلنڪا ۾. اسان جي ملڪ کان ٻين ملڪن ۾ مزدور يونينز سان وڌيڪ جڙيل آهن، وڌيڪ بهتر قانون سازي ٿيل آهي. اڄ پاڪستان ۾ مزدور صرف هڪ سيڪڙو يونينز سان منسلڪ آهي، جنهن ڪري هن جي حالت ۾ ڪابه تبديلي نٿي اچي سگهي.

همسري: مزدور تحريڪ پنهنجو رول پاڪستان ۾ يا ڪجهه ٻين ملڪن ۾ ان طريقي سان ڇو ادا نه ڪري رهي آهي جيئن ان کي ڪرڻ گهرجي؟
ڪرامت علي: جيستائين مزدور منظم نٿو ٿئي ۽ هن ۾ پنهنجن حقن حاصل ڪرڻ جو شعور پيدا نٿو ٿئي تيستائين هو ڪجهه نٿو ڪري سگهي. هتي اسان وٽ مزدور پنهنجن گهرن کان تمام گهڻو پري روزگار ملڻ جي ڪري هڪ هنڌ کان هجرت ڪري ٻئي هنڌ وڃي ٿو، ڇو جو صنعتون ڪجهه مخصوص حصن ۾ لڳل آهن ان ڪري هو اتي ڪنهن به يونين جو حصو ٿيڻ پسند نٿو ڪري، هو پنهنجو پاڻ کي غير محفوظ ٿو سمجهي ۽ منظم ٿيڻ کان گهٻرائي ٿو. ان ڪري هو هميشه ڪمزور رهيو آهي. اسان جي معاشري ۾ ڪڏهن مذهب جي نالي تي ته ڪڏهن ٻولي جي نالي تي سماج کي ورهايو ويو آهي. مزدور کي مزدور سان ويڙهايو ويو آهي ان کي گهرجي ته هو پنهنجي مزدورن سان گڏ بيهي ۽ پنهنجي طبقاتي مفادات جو تحفظ ڪري ۽ ڪنهن مزدور يونين جو حصو بڻجي. جيستائين اهي رڪاوٽون دور نه ٿينديون تيستائين هو ڪوبه مثبت ڪردار ادا نٿو ڪري سگهي.
همسري: پاڪستان ۾ ٽريڊ يونينز جي قانوني حيثيت ڇا آهي ۽ مزدور ٽريڊ يونينز کان مدد وٺڻ لاءِ تيار ڇو نه آهن ان جا سبب ٻڌايو؟
ڪرامت علي: انگريزن جي زماني ۾ مزدورن لاءِ قانون اڃان وڌيڪ بهتر هو ته هو پنهنجي مرضيءَ سان يونين ٺاهي سگهيا ٿي، ان ۾ هو پنهنجي مرضيءَ جا عهديدار مقرر ڪري سگهندا هئا. ان وقت جا وڏا وڏا ليڊر ڪنهن نه ڪنهن يونين جا به عهديدار هئا. جيئن محمد علي جناح صاحب آل انڊيا پوسٽل يونين ورڪرز جو صدر هو، مهاتما گانڌي احمد آباد جي ٽئڪسٽائل ليبر ايسوسئيشن جو صدر هو ۽ جواهر لال نهرو آل انڊيا ٽريڊ يونين ڪانگريس جو صدر هو. اهڙي طرح ڪميونسٽ پارٽين جا ليڊر به مختلف يونينز جا عهديدار هئا. ان وقت ۾ رجسٽريشن جي به ڪا پابندي نه هئي ۽ هاڻي اسان ڪيترن مزدورن کي قانون جي دائري کان ئي ٻاهر ڪڍي ڇڏيو آهي، جيئن زراعت جي شعبي ۾ ڪم ڪرڻ وارو مزدور ان ۾ شامل ئي ڪونهي. انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ. ايل. او) مختلف ملڪن ۾ ريويو مشن موڪليندي آهي گهڻو ڪري 20/25 سالن کانپوءِ اتي مشن وڃي مزدور قانون تي ٿيندڙ عملدرآمد کي ڏسندو آهي. 1986ع ۾ هتي آخري مشن آيو هو. انهن رپورٽ ڏني هئي ته پاڪستان ۾ 75 سيڪڙو مزدور انهن قانونن کان ٻاهر نڪتل آهي جنهن ۾ هن کي اهي حق ئي حاصل ڪونهن، باقي 25 سيڪڙو مزدورن کي اهي حق حاصل آهن. هيلٿ اينڊ سيفٽي جي قانون مطابق هر سال فيڪٽريءَ جو انسپيڪشن ٿيڻ گهرجي، مزدورن جي بيمارين جي متعلق معلومات به شامل آهي پر هتي اهو ڏٺو ويو آهي ته هڪ هڪ فيڪٽري جي انسپيڪشن جو وارو 20-25 سالن کانپوءِ ٿو اچي. اسان وٽ سسٽم تمام ڪمزور آهي، ٽريننگ ڪونهي، حادثن جي روڪٿام جي لاءِ ڪي به قدم نٿا کنيا وڃن، جيڪي حادثن جو شڪار ٿين ٿا انهن جي قانون ڪابه مدد نٿو ڪري سگهي. ادارا مزدورن لاءِ قانون سازي ۾ ڪا دلچسپي نٿا وٺن ۽ وڌيڪ افسوس جي ڳالهه اها آهي ته مزدور پاڻ به متحد ناهن، ان ڪري انهن جي صلاحيت به ڪونهي ته قانون لاڳو ڪرائي سگهن. اسان جو رويو فيوڊل آهي، اسان مزدور کي نوڪر ۽ غلام ٿا سمجهون، ڪو قانون ڪونهي. ان ڪري زراعت کي ته ان مان بلڪل ڪڍيو ويو آهي. ٻارن کان مزدوري ڪرائي ٿي وڃي انهن جي تعليم جو ڪوبه بندوبست ڪونهي جنهنڪري ماڻهن ۾ پنهنجن حقن جو شعور ڪونهي.

همسري: ڪراچي بلديه فيڪٽري جو حادثو دل ڏاريندڙ هو پر ان جي باوجود به اڃان تائين پاڪستان ۾ مزدورن جي تحفظ لاءِ ڪيترين ئي فيڪٽرين ۾ پورا حفاظتي انتظامات نه ڪيا ويا آهن انهن حالتن کي ڪيئن تبديل ڪري سگهجي ٿو؟
ڪرامت علي: حالتن کي بدلائڻ جا به رستا آهن هڪ ته جيڪي متاثرين آهن اهي اٿي بيهن، رياست انهن حالتن کي بدلائي يا وري پارليامينٽ ۾ ويٺل ماڻهو قانون سازي ڪن. اسان جي رياست جيڪي ٻين ملڪن سان معاهدا ٿي ڪري انهن تي عملدرآمد ڪري ۽ انسانيت جو ثبوت ڏئي. عدالتن کي به رياست کي پابند ڪرڻ کپي ته مزدورن کي انهن جا حق ڏئي. گذريل ڏينهن ۾ عدليه ڪجهه اهڙا فيصلا ڏنا آهن پر گهڻو ڪري اتي اهڙا فيصلا نٿا ٿين، قانون سازي ٿيڻ گهرجي، پراڻين يونينز ۾ صلاحيت ناهي جو مزدورن جا مسئلا حل ڪري سگهن، هتي صنعت وار يونين سازي جي ضرورت آهي.
همسري: جبري مشقت جو رجحان اڃان به سنڌ ۾ موجود آهي جيتوڻيڪ ٽيننسي ايڪٽ به زرعي پورهيت لاءِ موجود آهي ان تي عملدرآمد ڇو نه ٿي رهيو آهي؟
ڪرامت علي: جبري مشقت لاءِ ته زراعت ۾ شق لڳي ئي نٿي. ٽيننسي ايڪٽ تحت هاري هڪ زمين جو ٽڪرو وٺي ان کي آباد ٿو ڪري ۽ پوءِ ان جي فصل ۾ ان جو حصو هوندو آهي. پر جبري مشقت ڪرڻ وارن کي يا اجرت تي ڪم ڪرڻ وارن کي ٽيننسي ايڪٽ جو ڪوبه فائدو نٿو ملي. اهو ايڪٽ 1950ع ۾ ٺهيو ان کان پهرين ته ماڻهو غلامن وانگر ڪم ڪندا هئا پر هن ايڪٽ جو گهڻو فائدو هاريءَ کي نٿو ملي. بانڊيڊ ليبر قانون 1992ع ۾ ٺهيو هو پر ان تي عمل نه پيو ٿئي. ان تي عمل ڪرائڻ ۾ پوليس جي سپرنٽينڊنٽ ۽ ضلعي جي ڊپٽي ڪمشنر جو وڏو هٿ هوندو آهي. ٿرپارڪر ۾ مخدوم امين فهيم جو پٽ ڊپٽي ڪمشنر هو ته ڪٿي وري ٻئي ڪنهن اهڙي ڊپٽي ڪمشنر جي ڪري قانون تي عملدرآمد نه ٿي سگهيو آهي. اهي ته پاڻ ئي زميندار آهن اسان کي زرعي اصلاحات جي سخت ضرورت آهي. هزارين ايڪڙ زمين جي مالڪي کي ختم ڪيو وڃي. انگريز هليو ويو آهي ته ان جي نوازيل طبقي کي به وڃڻ گهرجي. جيسين زرعي اصلاحات نه ٿينديون ماڻهن کي حق نه ملندا، جيئن صنعتي ميدان ۾ تنظيمون نه آهن تيئن زرعي شعبي ۾ به تمام گهٽ تنظيمون آهن، انهن کي وڌيڪ موثر ٿيڻو پوندو.

همسري: ڇا توهان سمجهو ٿا ته لينڊ رفامز جي ذريعي آبادگار جي زندگيءَ ۾ ڪا مثبت تبديلي آڻي سگهجي ٿي؟
ڪرامت علي: زرعي اصلاحات ئي معاشرتي تبديليءَ جو حل آهن جيڪي ملڪ آزاد ٿيا انهن زرعي اصلاحات ڪري ئي تبديلي آندي آهي. زمين انهن کي ملي جيڪي آبادگار هئا، ڪالونيل دور اڄ جي دور کان وڌيڪ بهتر ٿو سمجهيو وڃي ڇو ته ان وقت ۾ هاري ۽ مزدور پنهنجي مرضيءَ جي يونين ٺاهڻ جو حق رکندو هو. پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي زرعي اصلاحات کانسواءِ سڀ ڪجهه ٿيندو رهيو آهي. زرعي اصلاحات تمام اهم آهن، جيستائين سر پلس ليبر موجود هوندي تيستائين حالات مزدور جي حق ۾ نه رهندا. مزدور مزودر سان وڙهندو رهندو، مذهب کي به غلط طريقي سان استعمال ڪيو پيو وڃي، خانداني منصوبا بندي کي ناڪام بنائڻ لاءِ مذهب جو سهارو ٿو ورتو وڃي، آدمشماري وڌڻ ڪري ملڪي وسيلن تي دٻاءُ وڌي رهيو آهي، سنڌ ۾ اڌ کان وڌيڪ ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، جيڪو آبادگار آهي ان کي زمين ملڻ گهرجي جيستائين زمين نه ملندي ته حالات بهتر نه ٿي سگهندا.
همسري: 18 ترميم کانپوءِ مزدورن جو اشو صوبن ڏانهن منتقل ٿي ويو آهي پر صوبن اڃان تائين مزدور لاءِ ڪابه اثرائتي قانون سازي ڇو نه ڪئي آهي؟
ڪرامت علي: قانون سازي ته اسيمبليءَ ۾ ٿئي ٿي. سنڌ اسيمبليءَ ۾ هڪ شق شامل ٿيل هئي ته جبري مشقت نه ٿيندي جنهن کي ڪڍيو ويو آهي ته جبري مشقت آهي ئي ڪونه ته اها شق شامل ڇو هجي، ان لاءِ ان کي ڪڍيو ويو آهي. هاڻي جبري پورهيو ڪرائڻ لاءِ ڪابه قانوني رڪاوٽ نه آهي. جيڪا اسيمبلي 1946ع ۾ هئي ان ۾ ڪاروباري ۽ انڊسٽري سان تعلق رکڻ وارا ماڻهو ويٺل هئا جيڪي پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ هتان هليا ويا ۽ پوءِ جيڪا اسيمبلي آئي آهي ان تي زميندارن جو قبضو آهي. قانون ته اهو ئي ٺهندو جنهن جي حمايت اسيمبليءَ ۾ ويٺل ماڻهو ڪندا.
همسري: مزدورن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ لاءِ ٽريڊ يونينز پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون يا اثرائتي قانون سازي ان ۾ ڪو اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي؟
ڪرامت علي: مزدورن لاءِ ته قانون سازي ٿيندي ئي ڪونه جيستائين مزدور رهنما اسيمبلين ۾ ويٺل نه هوندا. مزدور کي منظم ٿيڻ کپي ۽ سياست ۾ حصو وٺڻ کپي. اهڙين پارٽين کي سپورٽ ڪري جيڪي هن جي حقن وٺي ڏيڻ لاءِ ڪو پروگرام ڏين. سوشل سيڪيورٽيءَ جي سسٽم کي وسيع ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ اهڙو جنرل ٽئڪس لڳايو وڃي جنهن ۾ ڪو مزدور بيروزگار ٿئي ته ان کي ان جو فائدو ملندو رهي. سارڪ جي چارٽر ۾ لکيل آهي ته اهي هڪٻئي جي محنت ڪش ماڻهن کي سوشل سيڪيورٽي فراهم ڪندا. اهڙيءَ طرح سان هڪ صوبي جو ماڻهو ٻئي صوبي ۾ وڃي ڪم ڪري ته ان کي سوشل سيڪيورٽي ملڻ گهرجي.


