خاص

ايف اي ٽي ايف جي نالي تي عمران خان کي پاڪستان جو هٽلر ٿيڻ نه ڏينداسين

مسلم ليگ ن جي سيڪريٽري جنرل احسن اقبال جو چوڻ آهي ته فنانشل ايڪشن ٽاسڪ فورس (ايف اي ٽي ايف) جي نالي تي عمران خان کي پاڪستان جو هٽلر ٿيڻ نه ڏينداسين. احتساب عدالت اسلام آباد جي ٻاهران ميڊيا سان گفتگو ڪندي مسلم ليگ ن جي رهنما احسن اقبال جو چوڻ هو هڪ سال ٿي ويو آهي، پر نيب منهنجي خلاف ريفرنس دائر نه ڪري سگهيو آهي، مون کي گرفتار به ڪيو ويو، جيل ۾ به رکيو ويو. هن چيو ته اڄ ضمانت کانپوءِ منهنجي ستين پيشي هئي، حيلا بهانا ڪري نيب هر ڀيرو نئين تاريخ وٺي ٿي جڏهن ته سپريم ڪورٽ ۾ نيب جو موقف آهي ته احتساب عدالتون فيصلا ناهن ڪنديون، ان لاءِ دير ٿي رهي آهي، پر نيب کي ڪوڙ ٺاهڻ لاءِ وقت گهربل هوندو آهي، ان لاءِ هر ڀيرو نئين تاريخ وٺن ٿا. ن ليگ جي رهمنا چيو ته پاڪستان جي نوجوانن کي عالمي معيار جون سهولتون فراهم ڪرڻ جو ڏوهه بار بار ڪندس، ڇا شراب جو پرمٽ ڏيڻ ٺيڪ آهي، پر راندين جو انفرااسٽرڪچر تعمير ڪرڻ ڪرپشن آهي؟ مراد سعيد جو نالو وٺڻ بنا احسن اقبال چيو ته وزير مواصلات ٻڌائي ته ڏيڍ سال اڳ ٺاهيل جي آءِ ٽي ڪيڏانهن وئي، ان جي آءِ ٽي جو “جي” به سامهون نه آيو، حڪومت جي صرف هڪ ايجنڊا آهي ته مخالفن جي ڪردار ڪشي ڪريو. احسن اقبال چيو ته اپوزيشن عمران خان کان ڪو اين آر او نه گهري رهي آهي، جهانگير ترين کي رات جي اونداهي ۾ فرار ڪرايو ويو ته اوهان اين آر او ڏيئي ڇڏيو. عمران نيازي کنڊ، شوگر مافيه کي اين آر او ڏيئي ڇڏيو. گذريل ڏينهن سينيٽ مان مسترد ٿيندڙ بلن جي حوالي سان ڳالهائيندي احسن اقبال جو چوڻ هو ته ايف اي ٽي ايف جي نالي تي پاڪستان کي فاشسٽ رياست بڻجڻ نه ڏينداسين. اڳوڻي وزير داخلا جو چوڻ هو ته سينيٽ اجلاس ۾ اپوزيشن ۾ ايف اي ٽي ايف کي شڪست نه ڏني بلڪه اهڙي نظام کي شڪست ڏني جيڪو حڪومت کي بلڊوز ڪرڻ چاهي پيو.