تعليمي ادارا 15 سيپٽمبر کان کلندا يا نه؟ آخري فيصلو اڄ ڪيو ويندو
سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا کولڻ بابت آخري فيصلي لاءِ بين الصوبائي تعليم جي وزيرن جو اجلاس اڄ ٿيندو. تعليم وارو وفاقي وزير شفقت محمود بين الصوبائي تعليم جي وزيرن جي اجلاس جي صدارت ڪندو جڏهن ته چيئرمين ۽ ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر هائر ايجوڪيشن ڪميشن به اجلاس ۾ شامل هوندا. اجلاس ۾ صحت واري وزارت جي آفيسرن کي بريفنگ کانپوءِ ادارن ۾ سرگرميون شروع ڪرڻ جي حوالي سان سفارشون رابطا ڪميٽي ڏانهن موڪليون وينديون جڏهن ته تعليمي ادارن سان لاڳاپيل ايس او پيز کي پڻ حتمي شڪل ڏني ويندي. ايجنڊا مطابق اجلاس ۾ مختصر تعليمي نصاب ۽ 2021 ۾ امتحانن تي به بحث ٿيندو، جڏهن ته يڪسان نصاب تعليم جو معاملو به اجلاس ۾ غور هيٺ آندو ويندو. ياد رهي ته عالمگير وبا ڪورونا وائرس پاڪستان ۾ پکڙجڻ کانپوءِ سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا تقريبن 6 مهينن کان بند آهن. ملڪ ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون نافذ ڪرڻ کانپوءِ تعليمي ادارا مرحليوار کولڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان حوالي سان آخري اعلان اين سي او سي، جي منظوري کانپوءِ ڪيو ويندو.

