موٽر وي ڪيس: پنجاب پوليس جا سرچ آپريشن ۽ ڇاپا ناڪام، ملزم عابد اڃان تائين آزاد
نانڪاڻه صاحب پوليس گجر پوره موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي ملزم عابد جي موجودگي جي اطلاع تي سرچ آپريشن ڪيو، پر واقعي کي 8 ڏينهن گذرڻ جي باوجود ملزم اڃان تائين پوليس جي گرفت ۾ اچي ناهي سگهيو. نانڪاڻه پوليس جي ترجمان مطابق موٽر وي زيادتي ڪيس جي مرڪزي ملزم عابد جي نانڪاڻه ۾ موجودگي جو اطلاع ملڻ تي ڊي پي او اسماعيل کاڙڪ جي نگراني ۾ ايليٽ فورس ۽ مختلف ٿاڻن جي نفري دولر والا قبرستان ۽ اوسي پاسي وارن علائقن کي گهيري ۾ آڻي ڇڏيو ۽ سرچ آپريشن ڪيو ويو، پر ملزم جي گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگهي. هن کان اڳ ملزم عابد جي گرفتاري لاءِ شيخوپوره ۽ قصور ۾ به سرچ آپريشن ڪيو ويو، پر اڃان تائين ملزم گرفتار نه ٿي سگهيو آهي. ملزم عابد فورٽ عباس بهاول نگر جو رهواسي آهي ۽ اختيارين موجب عابد جو ڊي اين اي به ميچ ٿي ويو آهي. رپورٽ موجب ملزم عابد اشتهاري ملزم آهي هن 2013 ۾ به هڪ عورت ۽ سندس ڌيءَ سان زيادتي ڪئي هئي، بعد ۾ ان متاثر خاندان سان ٺاهه ٿي ويس، پر جرم کان باز نه آيو، جنهنڪري علائقي مان نيڪالي ڏني ويس. 2013 کان 2017 تائين هن تي زيادتي ۽ ڦر سميت ٻين ڪيترن ئي ڏوهن جا 8 پرچا ڪٽيل آهن ۽ 8 سالن ۾ ڪيترائي ڀيرا گرفتار ٿيو، پر ضمانت تي آزاد ٿي ويو، هو آخري ڀيرو 8 آگسٽ 2020 تي گرفتار ٿيو، پر ڪجهه ئي ڏينهن ۾ سندس ضمانت ٿي وئي. ياد رهي ته 9 سيپٽمبر جي رات تقريبن ڏيڍ وڳي گجر پوره جي ويجهو موٽر وي تي عورت کي سندس ٻارن جي سامهون تشدد ۽ اجتماعي ڏاڍائي جو نشانو بنائڻ جو واقعو پيش آيو هو. ايف آءِ آر مطابق پيٽرول ختم ٿيڻ سبب عورت جي گاڏي بند ٿي وئي ۽ هوءَ پنهنجي ڪنهن رشتيدار جي اچڻ جو انتظار ڪري رهي هئي جڏهن ته هن موٽر وي پوليس کان به مدد گهري هئي پر کيس مدد نه ملي سگهي.

