پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري وئي آهي، مريم نواز فضل الرحمان کي به ڦاسائي ڇڏيو: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته فارين فنڊنگ معاملي تي اپوزيشن کي بي نقاب ڪرڻو آهي، سموري معلومات پڌري ڪريو ته ڪنهن ڪنهن عوام جي ناڻي کي لٽيو، اپوزيشن سينيٽ چونڊن بابت آئيني ترميم جِي مخالفت ڪري پاڻ کي وائکو ڪري ڇڏيو، اها ٽريڊنگ ذريعي سينيٽ ۾ وڌيڪ سيٽون کٽڻ گهري ٿي، مخالف ڌر جي پارٽين کي مختلف ملڪن ۽ شخصيتن غير قانوني طور فنڊنگ ڏني، وٽن پنهنجي پرڏيهي فنڊنگ جو رڪارڊ به نه آهي، وزيراعظم چيو ته تحريڪ انصاف 40 هزارن کان وڌيڪ ڊونرز جا تفصيل جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، پرڏيهي فنڊنگ ۾ ٻي ڌر طرفان ڪنهن ڊونر جا تفصيل جمع ناهن ڪرايا ويا، پرڏيهي فنڊنگ ۾ اسان جو دامن صاف آهي، ڪا پرڏيهي غير قانوني فنڊنگ حاصل نه ڪئي، ن ليگ ۽ پ پ سميت ٻيون جماعتون هاڻ اليڪشن ڪميشن کي پنهنجو حساب ڏين. پارٽي ترجمانن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم عمران خان چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ڪيس ۾ به اليڪشن ڪميشن آڏو اپوزيشن وائکي ٿي ويندي، پي ڊي ايم جي ڦوڪڻي مان هوا نڪري چڪي آهي، حڪومت کي پي ڊي ايم مان ڪوبه خطرو نه آهي، حڪومتي ترجمانن ۽ اڳواڻن جي اجلاس کي خطاب دوران وزيراعظم چيو ته ماضي جي حڪومتن قبضا مافيا جي پٺڀرائي ڪئي، پنجاب ۾ آپريشن خلاف رڙين مان ثابت ٿيو ته قبضا مافيا نواز ليگ جي اي ٽي ايم بڻيل آهي، مريم نواز، مولانا فضل الرحمان کي به ڦاسائي ڇڏيو، پي ڊي ايم پنهنجو موت پاڻ مري وئي، حڪومت پاران قبضا مافيا اسيمبلي ميمبرن جا تفصيل قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين کي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته قبضا مافيا کي نه ڇڏبو، هن لاهور ۾ قبضا مافيا خلاف سخت قدمن جي هدايت ڪندي چيو ته قبضا مافيا ذريعي نواز شريف پنهنجا اي ٽي ايم ٺاهيا، کوکر ڀائر نواز شريف جا اي ٽي ايم آهن، نواز شريف سياست ۾ پئسو آندو ۽ اسامه بن لادن کان پئسا ورتا. سندس چوڻ هو ته سينيٽ چونڊون شفاف بڻائڻ لاءِ ترميم ڪري رهيا آهيون.

