سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ وارو صدارتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج
جمعيت علماءِ اسلام(ف) سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ جو صدارتي آرڊيننس سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي. سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ سان ڪرائڻ جي صدارتي آرڊيننس خلاف درخواست ايڊووڪيٽ جهانگير جدون داخل ڪئي. درخواست ۾ عدالت کي استدعا ڪئي وئي آهي ته سپريم ڪورٽ صدارتي آرڊيننس جاري ڪرڻ جو نوٽيس وٺي. صدارتي آرڊيننس کي حڪومتي بدنيتي قرار ڏئي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي. صدارتي آرڊيننس کي غير معقول ۽ آئين خلاف قرار ڏنو وڃي. صدارتي آرڊيننس جي ذريعي سپريم ڪورٽ ۽ پارليامينٽ جي خود مختاري کي ختم ڪيو ويو آهي. ياد رهي ته صدر عارف علوي اليڪشن ترميمي آرڊيننس 2021 جاري ڪيو هو. آرڊيننس جي تحت سينيٽ چونڊون اوپن بيلٽ جي ذريعي ٿي سگهنديون. آرڊيننس کي سپريم ڪورٽ جي صدارتي ريفرنس جي راءِ سان مشروط ڪيو ويو آهي.

