خاص

نااهلي درخواست: اليڪشن ڪميشن فيصل واوڊا مٿان پنجاهه هزار ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو

اليڪشن ڪميشن نااهلي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران فيصل واوڊا طرفان وڪيل جي پيش نه ٿيڻ تي وفاقي وزير مٿان 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ اليڪشن ڪميشن جي 4 رڪني بينچ وفاقي وزير فيصل واوڊا جي خلاف نااهلي جي درخواستن تي ٻڌڻي ٿي وفاقي وزير فيصل واوڊا جي وڪيل اليڪشن ڪميشن جي سامهون پيش نه ٿيو جنهن تي اليڪشن ڪميشن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وفاقي وزير تي 50 هزار رپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو. ٻڌڻي دوران درخواست ڏيندڙ فيصل واوڊا کي وفاقي وزير طور ڪم کان روڪڻ جي درخواست ڪندي دليلن جي لاءِ مهلت گهري ورتي. جنهن تي پنجاب مان اليڪشن ڪميشن جي ميمبر پڇاڻو ڪيو ته اوهان کي اڄ دليلن جو آخري موقعو ڏنو ويو هو ۽ اوهان استثنيٰ جي درخواست ڏيئي رهيا آهيو. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته جيڪڏهن اوهان منهنجي درخواست رد ڪريو ٿا ته دليل ڏئي ڇڏيندس. چيف اليڪشن ڪمشنر درخواست ڏيندڙ جي وڪيل کي هدايت ڪئي ته فيصل واوڊا جي نااهلي بابت ان جي وڪيل جي موجودگي ۾ دليل ڏيو  جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن وفاقي وزير فيصل واوڊا کي ايندڙ ٻڌڻي تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪندي ٻڌڻي 24 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.