پاڪستانخاصنيو‍‍ز

پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ سپر بليو مون جو نظارو شروع ٿي ويو

هي هڪ اهم منظر آهي جيڪو وري 2037 ۾ ئي ڏٺو ويندو. واضح رهي ته آگسٽ جي مهيني ۾ اسان کي ٻه ڀيرا مڪمل چنڊ جو منظر ڏسڻ ۾ آيو. وري 31 آگسٽ تي به بليو مون نمايان نظر ايندو جيڪو ڏسڻ وارن لاءِ هڪ شاندار نظارو هوندو. واضح رهي ته بليو مون جو نيري رنگ سان ڪوبه تعلق نه آهي، پر اهو هڪڙو اصطلاح طور استعمال ٿئي ٿو، جنهن ۾ چنڊ زمين جي گهڻو ويجهو اچي وڃي ٿو ۽ پنهنجي سائز کان وڏو نظر اچي ٿو. پاڪستان سوڌو سڄي دنيا ۾ فجر کان اڳ ان جو نظارو ڪري سگهجي ٿو. ان وقت چنڊ سج جي بلڪل ابتي پاسي هوندو آهي ۽ مڪمل طور تي روشن نظر ايندو آهي ۽ ان کي ويجهو به هوندو آهي.