چيئرمين پي ٽي آئي خلاف سائفر ڪيس جي جيل ۾ سماعت خلاف درخواست جي ٻڌڻي
چيف جسٽس عامر فاروق درخواستن تي اعتراضن سان گڏ ٻڌڻي ڪري رهيو آهي. چيئرمين پي ٽي آئي عدالت منتقلي جي وزارت قانون جي نوٽيفڪيشن کي چيلنج ڪري ڇڏيو آهي. عدالت ۾ چيئرمين پي ٽي آئي جي وڪيل چيو ته اسان جي درخواست تي رجسٽرار آفيس ٻه اعتراض لڳايا آهن، هڪ اعتراض اهو آهي ته اسان هڪ ئي درخواست ۾ هڪ کان وڌيڪ استدعائون ڪيون آهن. چيف جسٽس عامر فاروق ريمارڪس ڏيندي چيو ته ان سان ڪهڙو فرق ٿو پوي؟ آئون اعتراض هٽائي ٿو ڇڏيان، اوهان ميرٽ تي دليل ڏيو. چيف جسٽس عامر فاروق وڌيڪ پڇيو ته ڇا عدالت جو هنڌ تبديل ڪيو ويو آهي؟