اسپرم ڊونيشن ذريعي 96 ٻارن جو پيءُ نوڪري ڇڏي ٻارن جي تلاش ۾ نڪري پيو
ميڊيا رپورٽس مطابق جارجيا سان تعلق رکندڙ 32 سالن جي سافٽ ويئر انجنيئر ڊائلن اسٽون مِلر پنهنجن 96 ٻارن سان ملڻ لاءِ 9000 ميل ڊگهو سفر ڪرڻ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي. هن اهو منصوبو ان وقت جوڙيو جڏهن هن پنهنجي پهرين بايولوجيڪل ڌيءَ هارپر جي تصوير ڏٺي. هن وال اسٽريٽ جرنل کي ٻڌايو ته هارپر سندس پهريون ٻار آهي. ڊائلن هارپر سان پهرين ملاقات ان وقت ڪئي جڏهن هوءَ صرف 3 سالن جي هئي.