بلاگ

فطرت، شريعت ۽ دنيائي قانون ڊاڪٽر پيار علي جتوئي Sep 2020

هن ڪائنات جي وجود ۾ اچڻ کان وٺي، هي ڪهڪشائن جون اڏامون، ستارن جي چمڪ، سيارن جون پنهنجي محور جي چوگرد گردشون، هوائن جا جهوٽا، کنوڻ جا کڙڪاٽ، زمين جو ڌڏڻ، هي ٻوڏون، هي زلزلا، هي ٻرندڙ جبل مان اڏامندڙ لاوا، سمنڊ جون ڇوليون، دريا جون موجون، هي ڏينهن راتيون، موسمن جي ڦير گهير، هي تباهيون، هي برباديون انهن سڀني جي پٺيان ڪي سبب، عمل، تن جا رد عمل توڙي ڪي خاص جبلتون هونديون آهن، جن جي تحت ڪائنات ۾ هي هيڏي اٿل پٿل، تبديليون رونما ٿين ٿيون. جديد تحقيق اهو ثابت ڪيو آهي ته هن وايو منڊل ۾ ٿيندڙ هر حرڪت جو ٻي ڪنهن حرڪت سان ڪنهن نه ڪنهن طرح جو ڳانڍاپو هوندو آهي. پوءِ چاهي اهو عمل هزارين سال اڳ ۾ ٿيو هجي ۽ ان جو لاڀ اسين اڄ ڪنهن نئين رنگ ۽ روپ ۾ پسي رهيا هجون، پر اها ڳالهه طئي آهي ته هر عمل جو ڪو نه ڪو رد عمل ۽ هر ڪرڻي جي ڀرڻي ٿيندي آهي. اها ڳالهه ثابت ٿي چڪي آهي ته هيءَ ڪائنات ڪنهن خاص قسم جي اندروني لڪل قانون پٽاندڙ هلي رهي آهي. ڪجهه اهڙا لڪل راز، ڪجهه پوشيده ڳجهه هوندا آهن، جن جي تحت هي ڪائناتي ڪاروان روان دوان آهي. هن ڪائنات ۾ وسندڙ هر مخلوق جون ڪي خاص جبلتون هونديون آهن جن تحت سنسار هلي رهيو آهي. مٿين سڄي پٽاڙ مان اهو ظاهر ٿيو ته دنيا جي وهنوار کي هلائڻ لاءِ ڪنهن خاص قسم جي قانون جي ضرورت هوندي آهي. ڪائنات ۾ موجود اهم قائده ۽ قانون ترتيبوار هيٺ ڏجن ٿا.

فطرت يا جبلت:

ڪائنات ۾ موجود هر ذرو هڪ خاص قسم جي قانون تحت عمل ڪري رهيو آهي، ڪائنات جي ننڍڙي ۾ ننڍڙي ذرڙي اليڪٽرانن جو نيو ڪلس چوڌاري ڦيرو، ماليڪيولن جو هڪٻئي سان ٺهڻ، جڙڻ وري ٽٽڻ، ديو مالائي جسامت رکندڙ تارن جو هڪٻئي سان ٽڪراءُ، انهن تارن جو پيدا ٿيڻ، مرڻ وري مري ڪارن سوراخن (بليڪ هولز) ۾ تبديل ٿيڻ، تارن جي ڀڄڻ ڀرڻ مان ننڍڙا گرهه ٺهڻ، انهن گرهن جي ٽڪراءَ مان وري ننڍڙا اپگرهن جو وجود ۾ اچڻ توڙي ڌرتي تي ٿيندر هر قسم جي اٿل پٿل، ڀڃ ڊاهه توڙي ماحولياتي تبديلي هڪ خاص قسم جي فطرتي قانون مطابق ٿئي ٿي، جنهن کي عام ٻولي ۾ فطرت يا جبلت سڏجي ٿو ۽ سائنسي ٻولي ۾ طبعي قانون سڏجن ٿا. اهي قائدا قانون لکين ڪروڙين سالن کان ساڳي طريقي سان هن ڪائنات کي پنهنجي انداز سان هلائيندا رهندا پيا اچن، جن ۾ اڄ ڏينهن تائين ڪنهن به قسم جي تبديلي ناهي آئي. هوائن جي رخ ۾ پکن، پنن جو اڏرڻ، باهه لڳڻ سان شين جو سڙڻ، چنڊ جي ڪشش ثقل جي ڪري سمنڊ ۾ ڇولين جو پيدا ٿيڻ، هلڪي پٿر جو پاڻيءَ ۾ ٻڏي وڃڻ توڙي وزني بحري جهازن جو پاڻيءَ تي ترڻ، انسان جو هوائن ۾ اڏامڻ، پاڻيءَ مان برف ٿيڻ، وري برف ڳري پاڻي ٿيڻ، پاڻيءَ جو ٻاڦ بڻجي اڏامي وڃڻ، انسان کي بک لڳڻ، ماني کائڻ سان پيٽ جو ڀرجي وڃڻ، اڃ لڳڻ وري پاڻي پيئڻ سان اڃ ختم ٿي وڃڻ، ڌڪ لڳڻ سان سور ٿيڻ، زخم مان رت وهڻ، جنسي عمل سان ٻار ٿيڻ، ٻار جو نر يا مادي ٿيڻ اهڙن سڀني لقائن جي پٺيان هڪ خاص قسم جو قائدو قانون هوندو آهي جنهن کي فطرت جو قانون چيو ويندو آهي.

شريعت:

اوائلي دور کان ماڻهن کي زندگي گذارڻ جا رنگ ڍنگ، طور طريقا سيکارڻ لاءِ مختلف دورن ۾ مختلف هنڌن تي مختلف مذهب ظاهر ٿيا جن انسان کي سٺو ٿي سليقي سان رهڻ، پاڻ ۾ ميٺ محبت ڀائپي سان گڏ گذارڻ سمجهايو. انهن مذهبن مان ڪجهه مذهبن کي سندن بنياد وجهندڙن ۽ تن جي پوئلڳن آسماني مذهب ڪوٺيو ته ڪن کي ڌرتيءَ جا مذهب چيو وڃي ٿو. دنيا جي تاريخ ۾ اڻ ڳڻيا ننڍا وڏا مذهب نمودار ٿيا، جيڪي يا ته وقت جي ستمگري سان ختم ٿي ويا يا وري نون ٻين مذهبن ۾ پنهنجي بقا ڳولهي لڌي. جملي مذهبن جون بنيادي سمجهاڻيون، انهن جون هدايتون ان ئي ڳالهه تي رهيون آهن ته هن دنيا ۾ انسان بهتر کان بهتر انداز ۾ پنهنجو جيون گهاري سگهي. انهن مذهبن مختلف دورن ۾ مختلف سماجن ۾ انقلاب برپا ڪيا ۽ ماڻهن جي سماجي زندگي تي وڏا اثر انداز ٿيا. مذهبن جي اهڙن قائدن قانونن کي شريعت چئجي ٿو.

دنيائي قانون:

ٻين جاندارن جي ڀيٽ ۾ انسان ذات کي ڪجهه خاص وصفون عطا ٿيل آهن جن جي بنياد تي انسان ڌرتيءَ تي رهندڙ جملي مخلوقن کان سوايو آهي. انسان کي عقلي ڏات مليل هجڻ جي ڪري هي پنهنجي توڙي پنهنجي ابن ڏاڏن جي گذاريل زندگيءَ مان سبق سکي ٿو، پاڻ سان توڙي پاڻ کان اڳ ۾ گذاريل انسانن جي تجربن ۾ مشاهدن کي گڏ ڪري لکي ٿو، جنهن کي هو تاريخ چوي ٿو، هو تاريخ مان گهڻو ڪجهه سکي وري زندگي جي انهن اخذ ڪيل نتيجن مان ڀلين شين، مفيد ڳالهين کي هٿ ڪري، پنهنجي لاءِ جيڪي نقصان ڏيندڙ ڪم آهن انهن مان جان ڇڏائي اڳتي وڌي ٿو ۽ اهڙيءَ طرح زندگي جي گاڏي کي اڳتي ڌڪيندو رهي ٿو. انسان جي زندگي جي وهنوار کي بهتر کان بهتر بڻائڻ لاءِ انسان کي ڪجهه طور طريقا اپنائڻا پيا، ڪي قانون جوڙڻا پيا، زندگيءَ کي روان دوان رکڻ لاءِ انسان کي شعبا بندي ڪرڻي پئي، انهن شعبن جي هلائڻ لاءِ وري قانون جوڙڻا پيا. ساڳي طرح سان انهن قانونن تي عملدرآمد ڪرڻ لاءِ جزا ۽ سزا جو تصور قائم ڪيو ويو. اهڙيءَ طرح سان انسان پنهنجي پوري زندگي جي ڍانچي کي سنڀالڻ لاءِ ننڍڙي کان ننڍڙي قانون کان وٺي وڏي ۾ وڏا عالمي قائدا قانون جوڙيا آهن جن کي انسان جو پنهنجو بڻايل جوڙيل جهان سڏجي ٿو.

مٿي بيان ڪيل جملي قانونن جبلتن، شريعتن توڙي انساني جوڙيل دنيائي قانونن جو جيڪڏهن تقابلي جائزو وٺنداسين ته خبر پوندي فطرت جو قانون سڀني کان مٿانهون ۽ ڀاري نظر ايندو. فطرت جو قانون سڌو، سخت ۽ بغير ڪنهن لچڪ جي هوندو آهي، فطرت جي قانون ۾ نه ڪا اڳ ۾ ڪوتاهي هئي ۽ نه ئي هاڻي آهي. ڪو مڃي يا نه مڃي، فطرت زور زبردستيءَ سان پنهنجا قانون مڃائيندي رهي ٿي. اها انسان توڙي جملي هر مخلوق کي پنهنجي رحم ۽ ڪرم مطابق هلائيندي رهي ٿي. شريعت توڙي انساني قانونن ۾ رحم ٿي سگهي ٿو، انهن قانونن ۾ گنجائش ٿي سگهي ٿي، انهن قانون جي پيچيدگين توڙي ڪمين ڪوتاهين جي ڪري گنهگار بچي سگهي ٿو، پر فطرت جي قانون ۾ ڪا معافي ناهي، جيڪو ڪندئو، اهو لوڙڻو پوندو. اهو ممڪن ئي ناهي ته انسان ڪنڊا پوکي ۽ ان مان هن کي گل پلئه پون. بارود ٺاهيندو ته تباهي هن جو مقدر بڻجندي، زمين تي فساد پکيڙيندو ته زمين تي خونريزي قائم ٿيندي، ماتم ٿيندو، مقتل سينگاربو، ايئن ٿي ئي نٿو سگهي ته انسان ٻئي کي قتل ڪري پاڻ زنده رهي سگهي، ضرور فطرت جي هٿان هڪ نه هڪ ڏينهن مرندو، ان کي به ايئن ذليل ۽ خوار ڪري بيدرديءَ سان ماريو ويندو. قانون تي عمل نه ڪندئو ته انارڪي پيدا ٿيندي، لاقانونيت پيدا ٿيندي ۽ ڦري گهري توهان پاڻ ئي ان لاقانونيت جو شڪار بڻجندئو. اهو ٿي ئي نٿو سگهي ته ٻئي جي لاءِ کڏ کوٽيو ۽ مٿي کي ويهاڻو ڏيئي سمهي رهو ته ڪو ٻيو ان ۾ ڪرندو، پر يقين ڄاڻو هڪ نه هڪ ڏينهن توهان پاڻ پنهنجي ان کوٽيل کڏ ۾ ڪري مرندئو. جيڪو ظلم ڪندو اهو ظلم پنهنجي سِر تي پاڻ سهندو، اهو ممڪن ئي ناهي ته ڪو نشو واپرائي ۽ صحتمند رهي، اهو ٿي ئي نٿو سگهي ته توهان پنهنجن ڳوٺن، وستين واهڻين، شهرن کي گند ڪچري جو ڍير ڪيو ۽ توهان پوءِ صاف هوا ۾ ساهه کڻي سگهو، توهان پنهنجي فضا کي آلوده ڪيو ۽ اها اميد رکو ته توهان کي دم ۽ ڪينسر جون بيماريون نه ٿين. اهو ڪيئن ممڪن آهي ته انسان زمين جي پيٽ مان معدنيات تيل ڪوئلو ڪڍي ڌرتيءَ کي اندران ئي اندران کوکلو بڻائي ڇڏيو ۽ پوءِ به ڪي زلزلا نه اچن. ڇا ڀلا اهو به ٿي سگهي ٿو ته انسان زهريليون گئسون پيدا ڪري، پنهنجي ماحول کي گرما گرم بڻائي ۽ پوءِ به مٿي کي ٽيڪ ڏئي ويهي رهي ته ڪي ٻوڏون ڪونه اينديون. ڪو ٻين تي پٿر وسائي ۽ پاڻ اها اميد ڪري ته ٻيا هن جي مٿان گلن جي برسات ڪندا، اهو قانون فطرت جي خلاف آهي. هيءَ فطرت ڏاڍي ظالم آهي، ڏاڍي بي قياس بي ترس آهي، فطرت ۾ ڪا ٻاجهه ڪونهي ڇو ته فطرت جا قانون ڏاڍا تيز ۽ تکا آهن. اهي شريعتون اهي سڀئي قانون ميسارجي ويا جن فطرت اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو، اهي شريعتون ميسارجي ويون جيڪي فطرت جي مقابلي ۾ آيون، انهن قانونن جي تڏا ويڙهه ٿي وئي جن فطرت سان مهاڏو اٽڪايو. اهو فطرت کي پسند ئي ناهي ته ڪا مخلوق سندس اڳيان مد مقابل ٿئي. ڀلي توهان کي فطرت جو قانون وڻي نه وڻي، پر توهان کي ان کي هر حال ۾ مڃڻو ئي مڃڻو آهي. ڀلي فطرت جا قانون توهان جي مرضي جي مخالف هجن پوءِ به هر صورت ۾ توهان کي فطرت جي اڳيان جهڪڻو پوندو. جيڪو فطرت سان ٽڪراءُ ۾ آيو اهو ختم ٿي ويو، ان کي تباهي ۽ بربادي کان ڪو روڪي نٿو سگهي، جيڪو فطرت سان هٿ چراند ٿو ڪري، تاريخ گواهه آهي، جن تهذيبن، جن مذهبن فطرت سان کئونس ڪئي، اڄ انهن جو ڪٿي نانءُ نشان به نظر نٿو اچي. هن ڪائنات ۾ هڪ اڻ ڏٺو مقابلو هلندو پيو اچي، تنهنڪري هن مقابلي ۾ اهوئي کٽيندو جيڪو فطرت جي وهڪري ۾ وهندو رهندو، پر جنهن سرڪشي ڪئي، جنهن پنهنجو پاڻ کي تبديل نه ڪيو، جنهن پنهنجي پاڻ ۾ ڦير گهير نه آندي، دنيا ۾ اهو عبرت جو مقام بڻجي ويو. اهي شريعتون اڄڪلهه ڳولهيون نٿيون لڀجن، جن فطرت جي قانونن سان سرڪشي ڪئي، اهي تهذيبون عجائب گهرن جي زينت بڻيون پيون آهن، جن فطرت جي بي رحم اصولن کي نه مڃيو. هن ڪائنات ۾ اهو ئي پنهنجو وجود قائم رکي سگهي ٿو جيڪو فطرت جي وهڪري ۾ ساڻس گڏ هلندو رهي. هن دنيا ۾ اهو ئي پنهنجو پاڻ زنده رکي سگهي ٿو جيڪو پاڻ کي ٻين جي لاءِ فائديمند ثابت ڪري سگهي. اهي وڻ ئي وڍجي ويندا آهن جيڪي سڪي سڙي ويندا آهن، ميلا انهن وڻن هيٺان متل هوندا آهن جيڪي گهاٽا ڇانوري وارا ۽ ميويدار هوندا آهن. اهي جانور ئي ماريا ويندا آهن جيڪي مالڪ جي ڪم جا ناهن رهندا. صرف اهي جاندار ئي پاڻ کي زنده رکي سگهندا آهن جيڪي پنهنجي وجود کي ڪم جي لائق ثابت ڪري سگهن. جيڪي جانور ڪنهن به فائدي جا نه هئا اهي ڊائنوسار هئا جن جو وجود هن ڌرتيءَ تان هميشه لاءِ ختم ٿي چڪو آهي. فطرت سستي توڙي ڪاهلي کي مور نٿي معاف ڪري. جيڪي ڪاهل رهيا اهي ڏاڍو پٺتي رهجي ويا. ڇو ته زمانو ڪنهن جو انتظار ناهي ڪندو. زماني کي اڳيان وڌڻو ئي آهي، تنهنڪري توهان ۾ ايترو دم آهي ۽ زماني سان قدم قدم سان ملائي هلي سگهڻ جي همت اٿئو ته پوءِ اٿي پئو ۽ زماني سان هلندا هلو، پر ياد رکو. جڏهن توهان ٿاٻڙيا، ڪِريا ته يقين ڄاڻو توهان زماني جي پيرن هيٺان چيڀاٽجي چيٿاڙجي ويندئو.

هن دنيا ۾ زنده رهڻو آهي ته پنهنجي پاڻ ۾ تبديلي کي قبول ڪرڻ لاءِ پنهنجي دامن کي وسيع بڻائڻو پوندو. دنيا ۾ ايندڙ تبديلين کي کليل دل سان قبولڻو پوندو، ٻي صورت ۾ فطرت کي ته جيڪو ڪجهه ڪرڻو هوندو اها ڪري ويندي، پر پوءِ اسان کي پنهنجي وجود تان هٿ ڌوئڻا پوندا. ڇو ته فطرت ۾ غفلت جي ڪا مهلت ناهي، جن غفلت ڪئي انهن جو خاتمو ٿيو، ڇو ته غفلت جي سزا موت آهي.

p03323993783@yahoo.com