ڳاڙهو رت…! رشيد حسين کوکر Sep 2020
رات جو پويون پھر هو، چوڏس موت جھڙي ماٺار ڇانيل هئي. آئون گھري ننڊ ستل هئس، ڪمري جي ڀت تي ٽنگيل گهڙيال ٽِڪ ٽِڪ ڪري رهيو هو.
ٻيا به ڪجھ غير معمولي آواز مون کي بيچين ڪري رهيا هئا. آئون اگهورتا جي واديءَ مان نڪري جاڳ ڏانھن وڌڻ لڳس. منهنجون اکيون کليون، ڏٺم ڪمري ۾ ڪير به موجود نه هو. سوچيم، “شايد ڪو خواب ڏسي رهيو آهيان” ايتري ۾ منهنجي اکين کي ننڊ جو ڪوهيڙو وٽ ڏيئي وڪوڙي ويو ۽ آئون سمھي پيس. ڳچ وقت کانپوءِ منهنجي ڪنن تي ڇير جي ڇمڪار جو ڌيمو پڙلاءُ پيو.
“ڇم ڇم… ڇننَ نَن ڇم… ڇم…”
ڌيمو ساز ڪنن کي سرور بخشي رهيو هو، وري ٻيھر ساڳيو آواز گهڻي گونج سان ڪنن ۾ وڄڻ لڳو!
“ڇَم…”
“ڇَم… ڇنَنَ ڇنَنَ…”
“ڇنَن نَن ڇَم…”
آئون ڀڙڪو ڏئي سڄاڳ ٿيس. هٿوراڙيون هڻي ڀر ۾ پيل ميز تي رکيل عينڪ ڳولي نڪ مٿان رکيم. بسترو ڇڏي، ڪمري مان ٻاهر، پورچ اورانگهي اڱڻ ۾ آيس.
ماڪ ڀنل چانڊوڪيءَ ۾ ڏٺم، سفيد پوش سانوري ڇوڪري، جنهن جي پيرن ۾ ڇير، وارن جي چوٽي ۾ موتئي جو گل، چيلھ ۾ سنهو چيلھبند ۽ نڪ ۾ سون جي چمڪدار نٿ پھريل هئس. هوءَ اڳڻ تي واسينگ وانگر وٽ کائي رقص ڪري هئي. آئون حيران هئس جو اڳي اهڙو منظر نه ڏٺو هئم. سندس انگ انگ نچي رهيو هو، سندس بت لھرائي رهيو هو، سندس اکيون ڪروڌ جي ٽانڊن جيان ٻري رهيون هيون. هوءَ نچي نچي ٿڪجي پئي. سندس پيشاني تان پگھر جون بوندون ڦٽي آيون. رَئي سان پيشانيءَ کي اُگھيو هئائين ۽ مون ڏانهن وڌي آئي هئي!
پڇيو هئائين: “توهان ڪير آهيو؟”
مون هيسيل هانءُ سان وراڻيو، “انسان….”
“انسان ته سڀ آهن”، کِلندي چيائين.
“ها”، چيم “انسان ته سڀ پر… آئون انسان ۽ حيوان جي وچ ۾ آهيان. جيئن نون جي وچ ۾ نقطو”
هن هلڪو ٽھڪ ڏنو، مون کان به ٽھڪ ڇڏائجي ويو اسان جا ٽھڪ ماحول ۾ رقص ڪندي ڪائنات جي پوڇڙي ۾ پيهي ويا.
“توهان ڪير…؟”، مون ڪمبندڙ لھجي ۾ پڇيو.
هوءَ ڪجھ وقت ماٺ رهي ۽ پوءِ چيائين، “آئون سمبارا”
آئون وائڙو ٿي ويس، ٻيھر پڇيم “ڪير…؟”
تصحيح ڪندي ٻيھر چيائين، “آئون سمبارا…”
سندس نالو ماحول ۾ گونجڻ لڳو، “سمبارا… سمبارا… سمبارا” آئون هٻڪي ويس، اونھون ساھ کڻندي چيم، “نِسورو ڪوڙ آهي.”
خشڪ چپن تي ڄڀ ڦيرائيندي چيائين، “ڇو؟… ويساھ نٿو ٿيئي!…”
اڱڻ جي وچ ۾ ڦُٽل چمپا جي وڻ ڏانهن وڌنڌي وراڻيم، “شايد تون موهن جي دڙي جي تاريخ کان اڻواقف آهين!”
هوءَ مون ڏانهن وڌي آئي ۽ منهنجي ڪلھي تي هٿ رکندي چيائين، “تون انسان ۽ حيوان جي وچ تي بيٺل اڌورو شخص آهين، تون ڇا ڄاڻين؟ تاريخ منهنجي ڪُک مان جنم ورتو آهي.”
مون ٺٺوليءَ واري انداز ۾ ٽهڪ ڏنو، آئون بدحواس ٿي چڪو هئس، يقين نٿي ڪري سگهيس ته پنج هزار سال قديم شھر جي رقاصه مون سامنھين هئي.
مون هلڪي کنگهڪار ڪندي چيو، “تون اڄ تائين زنده آهين؟ مون کي اعتبار نٿو اچي.”
ڪروڌ ڀرئي لھجي ۾ وراڻيائين، “تاريخ مرندي ناهي، بلڪه بي ضمير ماڻھن جي سيني ۾ ڀڙڇي هڻڻ لاءِ هر هر موٽندي آهي.”
“مطلب ته تون بي ضمير ماڻھن جي سيني ۾ ڀڙڇي هڻڻ آئي آهين؟”، مون هن جي ڳاڙهين اکين ۾ جهاتي پائيندي چيو.
هن مون کان اکيون چورايون، سندس اکين ۾ باھ جا اُلا ٺينگ ڏيئي رهيا هئا. سندس مٺ ۾ جڪڙ ۽ لھجي ۾ اڪڙ اچي وئي.
“ها انهن پُڃ ڪيو آهي، ڌرتي سان ڏهاڳ ڪيو اٿن آئون سندن رت سان ڌرتي جون ٺوٺ زمينون سيراب ڪرڻ چاهيان ٿي!”
“پوءِ ته ڏانئڻ سڏبينءَ!” مون چيو!
هن وراڻيو، “نه آئون رقاصه آهيان، ڏانئڻون منهنجي ابتڙ آهن.”
آئون بي اختيار کلي پيس کلندي پڇيم، “ڏي خبر ڀلا اها ڀڙڇي آهي ڪٿي؟ جنهن سان تون رت وهائي ڌرتي سيراب ڪندينءَ.”
وراڻيائين، “منهنجي سيني ۾ کُتل آهي”
چيم، “تنهنجي سيني ۾؟”
وراڻيائين، “ها”
“ڇو؟ تون به بي ضم…” جملو اڌ ۾ ڇڏيندي چيم.
“نه”، وراڻيائين، سندس اکين ۾ باھ ٻري آئي.
تڏهن اوچتو ڇير جو ڪن ڦاڙيندڙ ڇمڪو ٿيو، چارئي طرف تِکي اڇي روشني پکڙجي وئي. آئون حيران ٿي ويس مون سمبارا ڏانهن ڏٺو. هوءَ ڏانئڻ جو روپ اختيار ڪري چڪي هئي. هن جهٽ ڏيئي سندس سيني مان کُتل ڀڙڇي ڪڍي ۽ منهنجي سيني ۾ پيھي ڇڏي. آئون زمين تي ڪِري پيس. مون ڪنڌ کڻي هن ڏانهن ڏٺو. هن هڪ وحشت ڀريو ٽھڪ ڏنو، ڄڻ تاريخ جي دشمن کي ماريو هئائين. ڪروڌ ۾ هڪ هٿ چيلھ تي رکي مجسمي ۾ تبديل ٿي وئي. منهنجي سيني مان نڪرندڙ ڳاڙهو رت ڌرتي جي سيرن ۾ جذب ٿي ويو.
***

