ادب

ڊائري جا ورق غلام علي کوساڻي April 2021

25 مارچ 1995

شهيد فاضل راهو جي ورسي تي ادبي محفل جو مهمان خاص محترم آغا سليم ۽ شمشير الحيدري جن هئا، جن سان ڪلاڪ ٻه ڏاڍي سٺي ڪچهري ٿي. محفل کان اڳ پيئڻ لاءِ گڏ ٿياسين، اتي پيئندي آغا صاحب جي رهاڻ ڏاڍو مزو ڪيو.

آغا صاحب لاڙ جي تهذيب، لاڙ جي ٻولي ۽ لاڙ جي عوام جي گهڻي تعريف ڪئي. هن لاڙ واري ٻولي کي وڌيڪ مٺي، وڌيڪ قرب واري مثال ڏئي ثابت ٿي ڪيو.

***

24 مارچ 1995

جناب اسماعيل راهو ڪراچي مان فون ڪئي ته شهيد فاضل راهو جي ورسي جي پروگرام جي وڊيو ۽ فوٽو گرافي توکي ڪرڻي آهي. ان لاءِ 23 تاريخ راهوڪي پهچ. هميشه وانگر مان پهتس ۽ فوٽو گرافي ڪئي. اسماعيل راهو جي موجوده ٻن ٽن سالن واري سياسي نظريه ۽ عمل سان مون کي ذاتي اختلاف آهي، پر شهيد فاضل راهو جي اولاد سان ان وقت کان ذاتي ۽ گهريلو تعلقات رهيا آهن. جڏهن فاضل حيات هو، فاضل شهيد جي گهرواري، ان جون ڀينرون، فاضل جو اولاد، پٽ ۽ ڌيئرون سڀ اسان کي پنهنجي گهر جو فرد ڪري عزت ڏيندا آهن، اهي ذاتي تعلقات برقرار آهن. ان کانسواءِ به شهيد جي حاضري ڀرڻ جو موقعو به حاصل ٿيندو آهي.

ورسي تي هميشه وانگر اهو ئي پورهيت، هاري، ناري، ڪولهي، ڀيل، ميگهواڙ، شڪاري ۽ ٻالا هزارن جي تعداد ۾ ايندا آهن، جن سان شهيد فاضل پيار ڪيو ۽ انهن لاءِ پنهنجي زندگي وقف ڪئي هئي. اهي ئي سچا مظلوم عوام ايندا آهن فاضل جي قبر تي سلامي ڀريندا آهن ۽ فاضل جي پوين جون تقريرون ٻڌندا آهن، پر اتي ڪوبه اهڙو وارث ڪونه هوندو آهي، جنهن ۾ واقعي فاضل شهيد جهڙيون صلاحيتون هجن.

***

7 مارچ 1995

زندگي هر ساهه واري کي پياري هوندي آهي ماڻهو جيڪي چوندا آهن ته اسين موت کان نٿا ڊڄون اهي به ننڍڙي بيماري ۾ ڊاڪٽر وٽ پهچي جلد از جلد صحتياب ٿيڻ چاهيندا آهن.

زندگي آهي ئي ايڏي عظيم، ايڏي حسين، ايڏي قيمتي جو ان جو وجود ئي ٻي هر شيءِ کان آيل آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته زندگي نعمت خداوندي آهي.

ڪير کڻي ڪيترو به دلير هجي موت کان بچڻ، زندگي برقرار رکڻ جي ڪوشش ۽ جستجو فوري طور تي ڪري ٿو، بلڪه فطري طور تي، موت ته وڏو ۽ آخري خوف آهي، پر معمولي ڌڪ، چوٽ يا زخم کان بچڻ لاءِ هڪدم رد عمل ڪندو آهي.

آئون به پاڻ کي بهادر تصور ڪري، خود کي تسلي ڏيڻ جي گهڻي ڪوشش ڪندو آهيان ته هاڻ اٽڪل اڌ صدي جو عرصو ڀرپور زندگي ماڻي چڪو آهيان، تقريبن تمام نعمتن مان پڻ فيضياب ٿيو آهيان. بچپن، جواني، ازدواجي خوشي، خوشحال گهر، زال ۽ ٻار، ٻنهي نياڻين جا فرض به خدا جي مهرباني سان پورا ڪيا اٿم، ٻئي ڌيئرون به خوش ۽ صاحب اولاد آهن. ٻه پٽڙا سارنگ ۽ ساجن به فرمانبردار ۽ ذهين آهن. سارنگ گريجوئيشن پيو ڪري ساجن اٺين ڪلاس ۾ آهي. مطلب ته هڪ چڱي زندگي گذاري اٿم، هاڻ جيڪڏهن موت آيو ته ايڏو افسوس ۽ خوف ڪونه ٿيندو، مرڻو ته آهي، ڏينهن مهينا يا ڪجهه سال اڳ يا پوءِ ڊڄڻ يا خوف ڪرڻ بيڪار آهي. اهي ته ٿيون دل کي تسليون، پر حقيقت ۾ ٻي ٽي ڏينهن يا هفتي ڏهين ڏينهن جڏهن بدهضمي يا ڪنهن به سبب کان ڇاتي ۾ سور پوندو آهي يا کاٻي ٻانهن ۾ ڪا سور جي سٽ اٿندي آهي ته هڪدم دل جي دوري جو خوف ٿيندو آهي ۽ وڌڻ جي صورت ۾ ڊاڪٽر تائين فورن پهچڻ جي امڪان جو فڪر ٿيندو آهي.

***

5 جون 1995

بابل، پنهنجي گهر جي گيلري مان اشارو ڪيو اچ ته ڪچهري ڪريون، آئون هيٿ لٿس ته نور محمد به پنهنجي گهر جي گيلري ۾ بيٺل هو، مون هڪل ڪئي ته اچ ته بابل وٽ هلون، سو هو به هليو آيو، پوءِ رات جو ٻين وڳي تائين رهاڻ ڪري هاڻ واپس آيو آهيان.

اسان جي ڪچهري اول، دوستي ۽ دوست جي موضوع کان شروع ٿي. بابل پنهنجو هميشه وارو قول ورجايو ته: دوستي نئين به رکجي نه ئي پراڻي ٽوڙجي، مون چيو، سچو دوست ۽ سچي دوستي جي تمام وڏي اهميت آهي ۽ سچا دوست جيڪي عمومن هڪ يا ٻه هوندا آهن، تمام گهڻي مشڪل سان ملندا آهن ۽ جنهن کي ڪو هڪ به سچو دوست ملي وڃي ته اهو خوش قسمت هوندو آهي. نور محمد چيو ته سچو دوست اهو آهي جيڪو ڪڏهن به پنهنجي دوست کي ڪنهن به آزمائش ۾ نه وجهي. دوستي جي دشمن، دوستن درميان پئسن جي ڏي وٺ هوندي آهي. مون چيو، نور محمد تون شيخ اياز، ابراهيم جويو، ع. ق شيخ، مراد علي مرزا، طارق اشرف وغيره سان دوستي تي فخر ڪري سگهين ٿو. نور محمد چيو ته، دوستي هر ماڻهو سان هڪ جدا انداز جي هوندي آهي. شيخ اياز، ابراهيم جويو وارن سان دوستي ۾ هڪ قسم جو احترام، ادب ۽ رک رکاءُ موجود آهي. جڏهن ته انهن مان سڀني کان وڌيڪ بي تڪلف ۽ گهري دوستي مرحوم ع. ق شيخ سان هوندي هئي اهڙي ٻئي سان نه ٿي. اسان جي رهاڻ هلندي، زندگي ۽ انسان جو موضوع شروع ٿيو. سڄي ڪائنات، بي ڪنار خلائون ۽ بي پناهه نظم و ضبط، ان ۾ ڌرتي ۽ ڌرتي تي زندگي ۽ زندگي ۾ انسان ۽ انساني خوبيون، انهن وڌندڙ خوبين ۾ تخليقي صلاحيتن جي رفتار آئنده هڪ هزار سالن ۾ ڪٿي وڃي پهچندي. انسان ۽ پاڻ جا نسل ڪهڙي حالت ۽ صورت ۾ هوندا؟ آخر ۾ نور محمد هڪ سٺي ۽ ڪامياب زندگيءَ لاءِ ٽي اصول ٻڌايا. سچ، سونهن، پيار. واقعي درست آهي.

***

14 جولاءِ 1995

زندگي ڪيڏي نه مختصر آهي ۽ ڪائنات ڪيڏي نه قديم وسيع و عريض آهي. زندگي بذات خود ڪيڏي نه حَسين و جميل آهي ۽ ڪائنات ۽ ڌرتي، ڌرتي تي موجود انيڪ اسرار آهن سڀ ڪيڏا نه حَسين ۽ عجيب آهن… ڪائنات ۾ موجود اسرار ۽ ڌرتي ۽ ڌرتي تي موجود زندگي ۽ ان زندگيءَ جا هزارين لکين روپ، هر روپ نرالو هر انداز سهڻو ۽ هر پهلو عجيب آهي.

ڌرتي تي زندگيءَ جو انساني روپ، سڀ کان وڌيڪ حَسين سڀ کان وڌيڪ عظيم ۽ سڀ کان وڌيڪ عجيب آهي. ان ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته انسان اشرف المخلوقات آهي.

انسان کي مليل حواسن جي صلاحيت، ان کي هر شيءِ کان مٿانهون ڪري عظمت بخشي آهي. انسان ئي هن ڪائنات جو مير آهي، جيڪو هن وسيع ڪائنات ۾، جيڪا ڪروڙين سال پراڻي آهي، انسان پنهنجي تمام ننڍڙي عمر ۾ ان جي ڪيئي ڳجن ۾ هٿ وجهي ان کي فتح ڪيو آهي، فطرت سان ٽڪر کاڌو آهي.

***