خاص

اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جو حڪم

احتساب عدالت اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. نيب راولپنڊي نواز شريف جي ملڪيت جي نيلامي لاءِ احتساب عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي هئي جنهن کي عدالت منظور ڪري ورتو آهي. جڏهن ته عدالت توشا خانا ريفرنس ۾ اشتهاري ٿيڻ تي نواز شريف جي ملڪيت نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. عدالتي حڪم موجب نواز شريف جي جتي جتي ملڪيت آهي ۽ ان تي اعتراض نه آيو آهي ته لاڳاپيل حڪومت ان کي نيلام ڪري سگهندي.