آءِ ايم ايف پاران بجلي ۽ گيس مهانگو ڪرڻ جو دٻاءُ: شوڪت ترين مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو
پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ بجيٽ تياري تي ڳالهيون ڊيڊ لاڪ جو شڪار آهن. آءِ ايم ايف پاران بجلي، گيس مهانگي ڪرڻ ۽ 200 ارب رپين جا نوان ٽيڪس لڳائڻ جو مطالبو زور وٺي ويو. آءِ ايم ايف پاران بجلي ۽ گيس مهانگي ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان مٿان دٻاءُ. ناڻي واري وزير شوڪت ترين آءِ ايم ايف جا مطالبا مڃڻ کان انڪار ڪندي متبادل پلان ڏئي ڇڏيو. آءِ ايم ايف ۽ ناڻي واري وزارت ۾ ڊيڊ لاڪ برقرار آهي. ٽيڪس ٽارگيٽ، بجلي ۽ گيس جي قيمتن تي اڃان تائين اتفاق نه ٿي سگهيو. بجيٽ ۾ ڪيترن ئي شعبن کي ڏنل ٽيڪس ڇوٽ جي خاتمي تي به اتفاق نه ٿي سگهيو. حڪومت ڪيترن ئي شعبن کي ڏنل مڪمل ٽيڪس ڇوٽ ختم ڪرڻ جي شرط مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ايف بي آر ايندڙ بجيٽ ۾ ڪجهه شعبن کي ڏنل کلي ڇوٽ ختم ڪرڻ جي سفارش ڪري ڇڏي. جڏهن ته ڪيترن ئي شعبن کي ڏنل ضروري ٽيڪس ڇوٽ جاري رکڻ جي سفارش ڪئي آهي جنهن تي آءِ ايم ايف راضي نه آهي. پاڪستان پاران ٽيڪس وصولي وڌائڻ جي لاءِ متبادل ذريعا بجلي ۽ گيس مهانگي ڪرڻ کان سواءِ نقصان گهٽ ڪرڻ جو يقين ڏياريو ويو آهي.

