بجيٽ ۽ بجيٽ سيشن ٻئي غير قانوني آهن: بلاول ڀٽو
چيئرمين پيپلز پارٽي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ حڪومت جو بجيٽ ۽ بجيٽ اجلاس ٻئي غير قانوني آهن. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر جي صدارت هيٺ بجيٽ اجلاس ۾ خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جيڪڏهن حڪومت اپوزيشن جو ڪردار ادا ڪندي ته پوءِ حڪومت ڪير هلائيندو، هي چاهين ٿا ته اپوزيشن کي موقعو نه ملي ۽ بجيٽ عوام جي سامهون نه اچي. حڪومت تي تنقيد ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته خبردار ڪنهن ماڻهو ناجائز حڪومت لاءِ رياست مدينه جو لفظ استعمال ڪيو. هن چيو ته ماڻهو ڄاڻن ٿا ته 4 سيڪڙو واڌ ڪوڙ آهي، هي بجيٽ ۽ بجيٽ سيشن غير قانوني آهن. هن چيو ته اڄ تائين نئون اين ايف سي ايوارڊ ناهي ڏنو ويو، جيستائين نئون اين ايف سي ايوارڊ نه ڏنو ويندو، تيستائين هر بجيٽ غير قانوني هوندو.

