آمريڪا کي اڏا نه ڏينداسين: آرمي چيف
پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بعد آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه صحافين جي سوال جي جواب ۾ پهرين چيو ته اڏا آمريڪا کي ڏيڻ جو سوال اوهان حڪومت کان ڪيو، بعد ۾ چيو ته اڏا نه ڏينداسين. پارليامينٽ جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اٺن ڪلاڪن جو اجلاس ٿيو، افغانستان کان آمريڪي فوج جي وڃڻ ۽ صورتحال جي حوالي سان ڊي جي آءِ ايس آءِ بريفنگ ڏني ۽ آرمي چيف پارليامينٽ ميمبرن جي سوالن جا جواب به ڏنا، اجلاس ۾ رڳو افغان مسئلي تي ڳالهيون ٿيون، ڪشمير ۽ ملڪ جي اندروني صورتحال تي ٻيهر سيشن ٿيندو. ذريعن موجب عسڪري اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته افغان مسئلي تي بلڪل نيوٽرل رهڻ گهرجي، افغانستان ۾ ڪنهن هڪ گروپ طرف نه وڃڻ گهرجي، افغان عوام جنهن کي چونڊي، اسان کي ان جي حمايت ڪرڻ گهرجي، هاڻي افغانستان ۾ خانا جنگي ٿي سگهي ٿي. پارليامان فيصلو ڪري اسان کي ڇا ڪرڻو آهي، عسڪري اختيارين ٻڌايو ته چين ۽ آمريڪا جي معاملي تي ڪنهن ڪئمپ ۾ نه آهيون، اسان جي پاليسي نيوٽرل آهي، ماضي ۾ غلطيون ٿيون، افغان تڪرار سبب 5 کان 7 لک پناهگيرن جي پاڪستان آمد جو امڪان آهي. افغان پناهگيرن کي سرحدي علائقن تائين محدود رکيو وڃي، ڊي جي آءِ ايس آءِ اجلاس کي ٻڌايو ته پاڪستان افغان امن عمل ۾ ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان جي زمين افغانستان ۾ جاري تڪرار ۾ استعمال نه پئي ٿئي، اميد آهي ته افغانستان جي زمين به پاڪستان خلاف استعمال نه ٿيندي.

