خاص

فوج جي واپسي تي شرمندگي ناهي، افغان فوجي نٿا وڙهڻ چاهين ته پنهنجا فوجي ڇو مارايون: آمريڪي صدر

آمريڪي صدر جوبائيڊن چيو آهي ته افغانستان مان فوج واپس ڪرڻ جو فيصلو درست هو، ان تي ڪابه شرمندگي نه آهي، اسان پنهنجي مشن ۾ ڪامياب ٿي ويا آهيون، هن فيصلي جي ڪري تنقيد جو نشانو بڻجندس، پر هي درست فيصلو آهي، هي آمريڪي عوام، آمريڪي فوج ۽ آمريڪا جي لاءِ درست فيصلو آهي. افغانستان جي صورتحال بابت پنهنجي قوم سان خطاب ڪندي هن چيو ته اشرف غني کي طالبان سان ڳالهين جو مشورو ڏنو هو، پر هن ڳالهيون ڪرڻ کان صاف انڪار ڪندي چيو ته افغان فوج طالبان سان وڙهندي، پر ظاهر آهي ته هو غلط نڪتو، آمريڪي صدر چيو ته افغان اڳواڻ حوصلا ڇڏي ويا ۽ ملڪ مان فرار ٿي ويا، اسان افغان فوج کي سڀ ڪجهه ڏنو، پر هنن کي وڙهڻ جو عزم ۽ حوصلو نه ڏيئي سگهياسين. افغانستان تي جيتري تيزي سان قبضو ٿيو ايتري اميد نه هئي، خبر آهي ته منهنجي فيصلي تي تنقيد ٿيندي، چين ۽ روس جي خواهش آهي ته آمريڪا افغانستان ۾ ڊالر خرچ ڪندو رهي، افغانستان کي تبديل ڪرڻ اسان جو مشن نه هو. آمريڪي صدر طالبان کي تنبيهه ڪندي چيو ته جيڪڏهن هنن آمريڪا جي نڪرڻ واري منصوبي ۾ رڪاوٽون وڌيون ته آمريڪا جو رد عمل فوري ٿيندو، اسان پنهنجي ماڻهن جو دفاع تباهه ڪندڙ قوت سان مقابلو ڪنداسين. اسان جو مقصد القاعده جو خاتمو ۽ اسامه کي پڪڙڻ هو، اسان ان مشن ۾ ڪامياب رهياسين، آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته جيتري تيزي سان افغانستان تي قبضو ٿيو ان جي اميد نه هئي، جيڪا لڙائي افغان فوج نٿي وڙهڻ چاهي ته پوءِ آمريڪي فوج ڇو وڙهي،؟ افغان فوج وکري وئي، هن سان هر قسم جو سهڪار ڪيو، افغان فورسز تي اربين ڊالر لڳايا ۽ بهترين سامان مهيا ڪيو. هن چيو ته هي آمريڪا جي ڊگهي جنگ رهي، چار صدر هن مان گذريا ۽ ڪيتريون ئي آمريڪي جانيون هن جنگ ۾ ويون، جيڪو ٿيو اهو چار سال اڳ يا 15 سال پوءِ به ٿي سگهي پيو، هن وقت اسان افغانستان مان پنهنجي ۽ اتحادين جي فوج کي بحفاظت ڪڍڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.