شاعري December 2021
وائي
محمد علي پٺاڻ
جيڪو آهي اَڄ،
ڪيرُ سُڀاڻو ٿو پُڇي..
سوُنھون ڪَرِ اُميد کي، مايوسين کان ڀَڄُ،
ڪيرُ سُڀاڻو ٿو پُڇي..
کِلَ خوشيءَ سازُ ٿيِ، جيونَ وک وک وَڄُ،
ڪيرُ سُڀاڻو ٿو پُڇي..
پيارُ ونڊي سڀ سان، راڻا، ڪَرِ تون رَڄُ،
ڪيرُ سُڀاڻو ٿو پُڇي..
سرھو ٿي سُکَ لاءِ، کَڻِجُ ڪُلھن ڪَڄُ،
ڪيرُ سُڀاڻو ٿو پُڇي.
***
غزل
راشد لکمير
هوا جي گهلڻ کي ڪو روڪي نه سگهندو
درياءَ جي وهڻ کي ڪو روڪي نه سگهندو
عقيدت جي اکڙين ۾ جي آ اسيري
پرين جي پسڻ کي ڪو روڪي نه سگهندو
ملنسار پنهنجي طبيعت جڏهن ٿي
ملڻ ۽ کلڻ کي ڪو روڪي نه سگهندو
صبر ساڻ توڪل جني تار تاريو
تني جي سهڻ کي ڪو روڪي نه سگهندو
اگر جي نيت ۾ ڪونهي ظرف ڪوئي
ڀرم جي ڀرڻ کي ڪو روڪي نه سگهندو
مليا جي به ڏکڙا نصيبن ۾ راشد
اندر جي جهرڻ کي ڪو روڪي نه سگهندو.
***
غزل
ڪريم چانڊيو
نڪين وڏي ٿي ڄمار گهرجي
خدا گهڙي کن خمار گهرجي
اسان کي محفل شراب موکي
پلن لاءِ فصلٍ بهار گهرجي
حياتي ۾ هڪ حسين عورت
سڪون سلفي سگار گهرجي
بدن کي بيشڪ وڍي ڪپي پر
چپن جي ڪنواري ترار گهرجي
ڪٽي وڇوڙا لکان وصل مان
قلم خدايا اڌار گهرجي
پسڻ پرين ڏيو، پڙھو ڀٽائي
نڪين ڪا جهل پل ميار گهرجي
اسان کي باغ عدن جي عيوض
سنڌو ۽ سهڻي ميهار گهرجي
ڀلين ئي محبت رهي نه ڇا ٿيو؟
سکيري ڀانڪر ٻهار گهرجي.
سموريون حورون اوهان جون واعظ
اسان کي آنند قرار گهرجي.
***
غزل
حسنين شاهه
ڀاڪُرَ ۾ ڀِيڪوڙي وِيو!
جانٖي جيءُ جِهنجھوڙي وِيو!
باغَ جي هَرِ ٻوٽي مان گُلَ ڦُلَ،
ڪيرُ اَلائي روڙي وِيو!
دل قلعو هُئي دروازي تي،
جھنڊو ڪوئي ريٽو کوڙي وِيو!
بيٺل پاڻي گونگو پاڻي،
تنهن ۾ ساجن ٻوڙي وِيو!
هُنَ کي ڪينَ وِساريو آهي،
جيونَ مان هُو توڙي وِيو!
ڏينهنَ تَتي جو ڪوٺي تي هُو،
ڇا لاءِ ٻانَهن مَروڙي وِيو!
***
شهيد ناظم کي منظوم ڀيٽا
معشوق محسن ابڙو
وَڻيون ڪينَ توکي، تَلورين جون ٻوليون!
هنيون تو پَکين جي مُحافظ کي گوليون!
رکيو نينهُن ناظمَ پکين جي پَرن سان،
ٿَرن سان، بَرن سان، اَباڻن گَهرن سان،
وَنِي هُن جِي هيڪل وَنيون ٻيون وَرن سان،
ڏَئِي ٽهڪَ ٽِلنديون ڪري خُوب ٽوليون!
ڏئي ٻانهن منهنجي سُمهي جا سيراندِي،
نِياڻِي نماڻِي هوندي سا ته ماندِي،
ڇڏيو گهر وڃان دير ٿي آ هيڪاندِي،
مگر ظالمن هَٿَڪڙيون ڪونه کوليون!
لَڌو لاش چِچريل لَٽا ليڙون تَنَ تي،
چِٿيل چنڊُ چهرو ڏنل چِيرَ ڪَنَ تي،
بِيٺِي داغ بڻجِي اِها مُونجھ مَنَ تي،
هڻي ڇونه ڇڪتاڻ ڇاتيءَ ۾ ڇوليون!؟
اَچي ماٺ معشوقَ مُحسنَ ڪِٿان ٿي؟
وَيا قتل ڪُونڌرَ ڪَميڻن هَٿان ٿي،
وسي روز لعنت وَڏيرن مَٿان ٿي،
پَيا خُوبُ کيڏن رڳو رَتَ جو هوليون!
***
غزل
عمران ڳورڙ
دنيا مان ختم ٿيندي ڇو پيار ڏسان ٿو
سڀني کي ڪندي هتڙي واپار ڏسان ٿو
انسانيت جو درس جي آهي هي محبت
ان تي نه ڪندي ڪنهن کي عمل يار ڏسان ٿو
هرهڪ جي اندر ۾ رڳو نفرت ئي ڀريل آ
محبت جي ونڊڻ وارو نه آثار ڏسان ٿو
رشتن ۾ ناهي ڇو ڀلا احساس ذري جو
رشتن ۾ انائن جو مان آزار ڏسان ٿو
هت ڪوڙ کي ڏسان ٿو وڏو مان ملي ٿو
سچائيءَ کي ٿيندي پيو خوار ڏسان ٿو
”عمران“ رکي ڪنهن ۾ اميدون مون کي ڏسيو
سڄڻن جي هٿن ۾ ننگي تلوار ڏسان ٿو.
***
هوا
ڊاڪٽر ڪامران اڪبر سومرو
شرارتي ٻارن وانگي،
دروازو کڙڪائي،
ننڊ ڦٽائي،
ڀڄي وڃي ٿي…
دور ڪٿي
لڪي پئي ٿي!
هوا اڄ ڏاڍي
کيچلي ٿي پئي آ…!
***
غزل
خليل عارف سومرو
سَچُ ڳوهي وفا کي ٺاهيندس،
پيار تنهنجي بقا کي ٺاهيندس.
سهڻا ٺاهي ڪَلا ٿي فن پاره
مان وري نئين ڪلا کي ٺاهيندس.
روح ڪنهن جو مرڻ نه ڏئي جيڪا
صاف سُٿري هوا کي ٺاهيندس.
حُسن هن کي جهُڪي ڪندو سجدا،
عاشقي جي خدا کي ٺاهيندس.
زخم جڳ جا سڀئي ڇُٽي پوندا،
درد ڪاڙهي دوا کي ٺاهيندس.
جيڪا رب وٽ قبول ٿي ويندي،
نيٺ اهڙي دعا کي ٺاهيندس.
باعمل ٿي خليل عارف مان
سهڻو پنهنجي ڪٿا کي ٺاهيندس.
***
غزل
غلام آدرش
ٿيا ڪونه ڪاٿي ٺڪاڻا اسان جا
رهيا نيڻ آهن نماڻا اسان جا
رڳو روح رولاڪ ناهي اسان جو
اوهان ڀي ڪيا ها پڄاڻا اسان جا
رڳي ڳالهه حق جي ڪئي آ اسان ڇا
ٿيا ڄڻ ته مقدر هي گهاڻا اسان جا
ڪڏهن مينهن وسندا ڏٺو آسمان کي
هُيا ڪئين مارو ويڳاڻا اسان جا
ڏسي روز راهون ڪيون ٿم پڇائون
الئه ڪيئن هوندا اباڻا اسان جا
وسي هيل برسات اهڙي پئي آ
ڏٺا ڪنهن نه ڇو گهر ڪکاڻا اسان جا
اڙي وقت مون کي پڇا هي ڪري ڏي
هيا ڪيئن دوست پراڻا اسان جا.
***

