مڪاني چونڊن ۾ نالائقين سبب هارايوسين، اڳتي سفارش يا رشوت برداشت نه ٿيندي: وزيراعظم
وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته خيبر پختونخواهه ۾ نالائقين سبب هارايوسين، اڳتي سفارش يا رشوت برداشت نه ڪئي ويندي. وزيراعظم عمران خان جي طلب ڪرڻ تي خيبر پختونخواهه جي وڏي وزير محمود خان ساڻس ملاقات ڪئي ۽ کيس مڪاني چونڊن ۾ شڪست تي بريفنگ ڏني. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي ۽ علي امين گنڊاپور سميت ٻيا به موجود هئا. ذريعن موجب ملاقات ۾ محمود خان مڪاني چونڊن ۾ ناڪامي بابت رپورٽ پيش ڪئي، جائزي رپورٽ ۾ مڪاني چونڊن ۾ پارٽي اميدوارن کي سپورٽ نه ڪندڙ اسيمبلي ميمبر شامل آهن. وزيراعظم مڪاني چونڊن ۾ ناڪامي تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته خيبر پختونخواهه اسان جي بيس لائين آهي، اتي اندروني نالائقين سبب هارايوسين.

