سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برسات جِي اڳڪٿي
سنڌ سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر برسات جِي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 2 جنوري کان 6 جنوري تائين برسات جو امڪان آهي، جنهن سبب ٿڌ ۾ واڌ ٿي ويندي موسميات کاتي موجب سنڌ جِي راڄڌاني ڪراچي، ميرپورخاص، شهيد بينظير آباد، لاڙڪاڻي ۽ سکر ۾ برسات پئجي سگهي ٿي. ان کان علاوه، پنجاب، ڪي پي ڪي، گلگت بلتسان ۾ برسات جو امڪان آهي.

