بلاگ

طلسماتي مرڪ رکندڙ شاعره ڊاڪٽر ثمينه واحد قاضي نسيم پارس | # جنوري 2022

ڊاڪٽر ثمينه واحد جو نالو ڪنهن کان ڳجهو نه آھي، ٿوري عرصي ۾ بيحد خوبصورت تخليقن کي لکندڙ، نوان خيال، خواب، ارپيندڙ جيئن نئين تخليق کي تراشي پيش ڪري پنهنجي لفظن جي مصوري ڪري ان کي خوبصورت بڻائي اسان آڏو رکي ٿي. ادي ثمينه واحد جو نالو نثر ۾ نمايان اٿس، نثري نظم کي پنهنجي الڳ رنگ ۾ پيش ڪري ٿي جنهن ۾ درد، دک، خواب، سپنا، خوشي، غم جديد حالتن کي پنهنجي الڳ ڪيفيت ۾ پيش ڪري ٿي. نثر لکڻ لاءِ مختلف ڪيفيتون ھونديون آھن، پر درد ۽ وقت واري ڪيفيت بي رنگ هوندي آھي. پنهنجي هر ڪيفيت سندس شعري تجربن جي پختگي فڪري خيال کي اسان آڏو آڻي ٿي.

نثر جي حوالي سان سنڌي ادب ۾ آڱرين تي ڳڻڻ جيتريون شاعرائون آھن هر صنف جو پنهنجو الڳ رنگ هوندو آھي، پر ادي ثمينه واحد جي شاعري ۾ جدت، احساس جي پختگي ۽ روحانيت آھي. ادي ثمينه جي شاعري  سنڌي هجي يا اردو هجي، پر سندس شاعري ۾ دک، درد، جدت، روحانيت، ڪلاسيڪيت، رومانيت نظر ايندي. شخصي حوالي سان ادي سان منهنجي هڪ ملاقات آھي، پر يادگار ملاقات ٿي سنڌ سنگت  مشاعري ۾ سندس سڀاءَ ۾ ايڏي ڇڪ اٿس جو هرهڪ ماڻھو سان نوڙت سان پيش اچي ٿي جيڪا ماڻهو کي پاڻ ڏانهن مائل ڪري ٿي. سينيئر هجي يا جونئير سڀني سان هڪ جهڙو سڀاءُ ھڪ جيترو پيار رکي ٿي.

پر خاص ڪري سندس سڀني سان مرڪي ملڻ اڃان به وڌيڪ هن جي شخصيت ۾ نکار آڻي ٿو، جيئن سندس مرڪڻ خوبصورت آھي، ايئن ئي سندس شاعري ۾ خيال جي اڏار وسيع اٿس. نثر جو ڏکيو وقت تڏھن ايندو آھي جڏهن اوهان هميشه ننڍڙين ننڍڙين الجهنن کي پنهنجي جذباتي ڪيفيت ۾ بيان ڪري پيش ڪندا آهيو. سندس شاعري ۾ ڪمال جا خيال ۽ ڪلائيميڪس اٿس. ڪنهن ڪنهن نظم جو ڇرڪائيندڙ ڪلائيميڪس آهي. سندس شاعري ۾ ڪافي جهلڪ ٻاهرين ادب جي نظر اچي ٿي ادي ثمينه جي نظمن ۾ آمريڪا جي شاعرائن جهڙو تخيل نظر اچي ٿو جنهن ۾ ايريڪا زنگ، مرين مور، اينڊي رچ جي تخليقن جهڙي تخليق نظر اچي ٿي. ادي ثمينه جي نظمن ۾ جديديت جو رچاءُ سندس شاعري ۾ فطرتي رنگن جي ويڙھيل چادر شاعري کي چار چنڊ لڳائي ڇڏي ٿي. مصوري هر شاعر جي طبيعت مطابق هوندي آھي شاعري نيچرل حسن آھي جيڪو شاعر جو تخليقي ڪم آھي، اها تخليق شاعر يا شاعره جي اندر ۾ موجود هوندي آھي. انهن سڀني خوبين جي مالڪه ادي ثمينه جي شاعري ۾ سڀ خوبيون آھن. فطري حوالي سان خيالي حوالي سان شاعري ۾ جدت محسوس ٿئي ٿي. رب سائين ادي جي آڱرين ۾ اڃان به تخليقي طاقت ڏئي جو اسان کي اهڙيون بهترين تخليقون پڙهڻ لاءِ ملن.