ادب

ڊائري جا ورق سرمد کوسو | # فيبروي 2022

  • اسان وٽ گهڻو زور رڳو مختلف شيون ياد ڪرائڻ/ڪرڻ تي هوندو آهي. مثال طور: اسان کي شاگردي واري ڏينهن کان اِهو چيو ويندو آهي ته بيت ياد ڪريو، سبق ياد ڪريو وغيره.
  • سوچڻ ۽ سمجهڻ وارو پاسو اسان جي تربيت جو حصو ئي ناهي. سوچڻ ۽ سمجهڻ جو نه اسان کي موقعو ملي ٿو ۽ نه ئي اهڙو ماحول ملي ٿو.
  • ظاهر آهي ته جڏهن سوچڻ ۽ سمجهڻ وارو عمل ٿيندو ته پوءِ رڳو ڪنڌ ڌوڻڻ نه ٿيندو، پوءِ ته سوال به ٿيندا، اختلاف به ٿيندا ته اتفاق به ٿيندا.
  • مون اهڙا ڪيترائي اڪابر ڏٺا آهن، جيڪي سوالن جون ڳالهيون ته ڪندا آهن، اهو چوندا وتندا آهن ته سوال پُڇڻ گهرجي، سوال ڪرڻ سکو، پر جڏهن کانئن ڪو سوال پُڇندو آهي ته ڪاوڙجي پوندا آهن.
  • اسان سڀئي جنهن خول ۾ بند آهيون، اُن مان نڪرڻ نٿا چاهيون. جڏهن ڪو انهيءَ خول جي ڇيڙخاني ڪري ٿو ته پريشان به ٿيون ٿا ته ڪاوڙجي به پئون ٿا.
  • پنهنجي مختلف مضمونن ۾ مون اِها ڳالهه ڪيترائي ڀيرا لکي آهي ته اسان وٽ تعليم جو مقصد رڳو وڏا وڏا گريڊ ۽ نمبر کڻڻ ۽ نوڪري حاصل ڪرڻ آهي. تربيت ۽ اخلاقيات واري پاسي ڪوبه ڌيان ناهي.
  • ان جو هڪ خطرناڪ نتيجو اِهو نڪتو آهي جو ٻار ڊپريشن جو شڪار آهن. پنهنجي پڙهائي دوران هنن کي اهوئي ڊپ هوندو آهي ته جيڪڏهن گريڊ خراب آيو، فيل ٿيس يا وري ڪنهن پروفيشنل يونيورسٽي ۾ داخلا نه ملي ته پوءِ جهڙوڪر مري ويس، زندگي اتي ئي ختم ٿي وئي.
  • اڪثر استادن ۽ والدين جو به انهيءَ ڳالهه تي زور هوندو آهي ته گريڊ سُٺو کڻڻو آهي، داخلا حاصل ڪرڻي آهي وغيره وغيره. انهيءَ ۾ به ڌنڌوڙي هر وقت اڳڀرا هوندا آهن. انهيءَ جو وري نتيجو اهو نڪتو آهي جو امتحاني بورڊ مان پئسن تي مارڪون وٺڻ/وٺرائي ڏيڻ، امتحانن ۾ ڪاپي ڪرڻ/ڪرائڻ ۽ امتحانن ۾ سُٺيون مارڪون حاصل ڪرڻ لاءِ ٽيوشن سينٽرز تي داخلا وٺڻ تي زور آهي.
  • هاڻي انهيءَ سموري وٺ پڪڙ ۾ ٻار جي اصل شخصيت بگڙي وئي ۽ پوءِ اسان انهيءَ ٻار مان عجيب قسم جون اميدون رکندا آهيون ته اهو ٻار سماج ۾ وڏو ڪم ڪندو. اِهو ٻار اڳتي هلي ڪنهن به پيشي ۾ ڪرپشن ۽ ٺڙڪ ٺڳي نه ڪندو ته ٻيو ڇا ڪندو!
  • اسان شين جا بنياد به ڪوڙ ۽ فريب تي رکندا آهيون ۽ پوءِ آخر ۾ ويڳاڻپ جو شڪار ٿيندا آهيون.
  • اسان وٽ هر سنجيده ڳالهه به مذاق هوندي آهي. هر وقت کل ڀوڳ ۽ چرچن کانسواءِ اسان جي سماج کي ٻيو ڪوبه ڪم ناهي.
  • اسان جڏهن ڄاڻندي به اڻڄاڻ بڻباسين ته پوءِ ايئن ئي ٿيندو، جيئن اسان وٽ ٿئي پيو. ماڻهن جي نفسيات کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.
  • اسان وٽ ماڻهو جي نفسيات انهيءَ جي ننڍپڻ کان ئي خراب ڪئي ٿي وڃي. انهيءَ ۾ سڄو سماج ذميوار آهي، خاص طور تي استاد ۽ والدين. ڇو ته ٻار جي سکيا جا بنيادي مرڪز ته گهر ۽ تعليمي ادارا آهن ۽ انهيءَ کانپوءِ پورو سماج.
  • اسان وٽ ايتريون ته بُرايون ٿي رهيون هونديون آهن جو ماڻهو جو اندر سڙڻ لڳندو آهي.
  • هونئن ته ماٺ ڀلي آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن ماڻهو ڏک جو اظهار ڪريو وجهي. بس اُنهيءَ جو هڪ ئي فائدو آهي ته ڪجهه وقت لاءِ ماڻهو جي اندر جو بار هلڪو ٿي پوندو آهي.
  • باقي اڄ جي هر ماڻهو جا ڏک پنهنجا ئي آهن. اُنهن سان ٻئي ڪنهن کي به مطلب ناهي. اڄ جي ماڻهو کي ويتر انهيءَ ڏک کي وڌائڻ يا اُن جو تماشو ٺاهڻ ۾ مزو ايندو آهي.
  • اِها واقعي حقيقت آهي ته بيحسي هڪ اهڙي بيماري آهي، جنهن جو ڪوبه علاج ناهي. افسوس اِهو به آهي جو اِها بيماري هن سماج ۾ تمام تيزي سان ڦهلجي رهي آهي.