ڪپتان اسان جي مارچ کان گهٻرائجي پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو، هاڻ تماشو نه تير هلندو
چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته آصف زرداري جي انٽرويو کي روڪيو ويو، هلڻ نه ڏنو ويو، توهان ايڏا ڊڄڻا هئا جو ميڊيا کي ڪنٽرول ڪيو. مورو باءِ پاس تي عوامي مارچ سان خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان ۾ تنقيد ٻڌڻ جو حوصلو ناهي، پ پ آزاد ميڊيا تي يقين رکي ٿي، عمران خان ڪوڙ جو ماهر ۽ پروپيگنڊا جو بادشاهه آهي. هن چيو ته ڪپتان اٽو، لٽو ۽ اجهو کسي رهيو آهي، اها تبديلي جي نالي تي تباهي آهي، هي نئون ته مهانگو پاڪستان آهي، ملڪ ڏکيائين جو شڪار آهي. سندس چوڻ هو ته ڪپتان اسان جي مارچ کان گهٻرائجي ويو ۽ پيٽرول سستو ڪري ڇڏيو.

