نئون

فرانس ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي پابندي، هاڻي نه 2040 کان، پارليامينٽ فيصلو ڪري ورتو

فرانس جي پارليامينٽ 2040 کان وٺي ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي پيداوار تي پابندي لڳائڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. هن وقت ان منظوري جو مطلب آهي ته 2040 کان اڳ هوملڪ ۾ صاف توانائي جي استعمال کي وڌائيندا ۽ 2040 تائين پوري طرح ان تي ڀاڙڻ شروع ڪري ڇڏيندا ۽  2040کان وٺي فرانس ۾ ڪابه نئين پيٽرول يا ڊيزل ڪار نه هلندي. فرانس جي صدر امانوئل ميڪرون هن ڏس ۾ ڳالهائيندي چيو آهي ته هو چاهي ٿو ته دنيا ۾ هن ڏس ۾ اڳرا ئي فرانس هي ڪري، جنهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي دور کي ختم ڪري صاف توانائي سان دنيا جي ڦيٿي کي هلايو وڃي. فرانس جي قانوندان به يقين ڏياريو آهي ته هي هڪ سٺو فيصلو ثابت ٿيندو جيڪو ٻين وڏي طاقتن پاران به اپنايو ويندو. هن باري ۾ هڪ بيان ۾ ورلڊ بينڪ جي صدر چيو آهي ته ورلڊ بينڪ هاڻي دنيا ۾ پيٽرول ۽ گيس جي پروجيڪٽن لاءِ قرض ڏيڻ بند ڪري رهي آهي. ورلڊ بينڪ 2019 کان باقائدا طور تي اهڙن پروجيڪٽن کي فنڊ ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندي. هن خبر بابت ڳالهائيندي گرين پيس انٽرنيشنل جي ڪارڪن جورجي ڊيلاس چيو ته پيٽرول جي دور جو انت هن وقت اسان جي سامهون آهي هاڻي تبديلي هڪ تيز رفتار سان اچي رهي آهي.