خاص

حمزه شھباز وزير اعليٰ جي چونڊ جي لاءِ لاھور ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو

مسلم ليگ ن وزيراعليٰ پنجاب جي چونڊ ڪرائڻ جي لاءِ لاھور ھاءِ ڪورٽ سان رابطو ڪري ورتو آھي، پنجاب اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حمزه شھباز ان سلسلي ۾ لاھور ھاءِ ڪورٽ ۾ آئيني درخواست داخل ڪرائي آهي، جنھن ۾ اسپيڪر، ڊپٽي اسپيڪر ۽ آءِ جي پنجاب کي ڌر بڻايو ويو آھي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته پنجاب ۾ وڏي وزير جو عھدو خالي آھي ۽ ان تي جلد اليڪشن ڪرائي وڃي، درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آھي ته سيڪريٽري اسيمبلي ۽ انتظامي آفيسر پرويز الاھي جا غير قانوني قدم مڃي رھيا آھن ۽ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ لاءِ بلا جواز دير ڪئي پئي وڃي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آھي ته جيستائين وڏي وزير جي چونڊ نه ٿئي تيستائين آرٽيڪل 130 جي تحت اسيمبلي جو اجلاس ملتوي نٿو ڪري سگھجي. درخواست ۾ جن ماڻھن کي ڌر بڻايو ويو آھي انهن جي باري ۾ چيو ويو آھي ته ھو پنھنجي فرضن کي پورو ڪرڻ ۾ ناڪام رھيا آھن، عدالت جلد اهڙو حڪم جاري ڪري ۽ چونڊ کي ممڪن بڻائي.