ادب

ڊائري جا ورق سرمد کوسو اپريل 2022

زندگي

  • زندگي جي سُورن ۽ تڪليفن کي ماٺو ڪرڻ ۽ انهن کي برداشت ڪرڻ جو مون کي هڪ ئي طريقو سجهندو آهي ته پاڻ کي مصروف رکجي. پنهنجي صلاحيتن آڌار ڪو نه ڪو مثبت ڪم ڪندو رهجي.
  • جيئن عمر گذري ٿي، تيئن شدت سان اِهو محسوس ٿيندو اٿم ته وقت ٿورو آهي، ڪم گهڻا آهن.
  • ڪم ڪرڻ واري ماڻهو جو وقت گذري ٿو وڃي. جڏهن ته واندن ماڻهن جي اڪثريت رڳو انهيءَ سوچ ۾ هوندي آهي ته سج جلدي ڇو نٿو لهي.
  • مون ڪٿي والٽيئر جا لفظ پڙهيا هئا، جنهن ۾ هُن چيو پئي ته ”مصروف نه رهڻ ۽ زنده نه رهڻ ساڳي ڳالھ آھي. سست ماڻهو کانسواءِ ٻيا سڀ نيڪ انسان آهن.“ والٽيئر جو سيڪريٽري چوندو هو ته والٽيئر رڳو وقت جي معاملي ۾ ڪنجوس آهي. ڇو ته هن وٽ وقت جي وڏي اهميت هئي.
  • هر انسان جو ڪم ئي سندس خوشين جو سبب بڻجي ٿو.
  • ڪم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ سُڪون جي جيڪا لهر اندر ۾ اٿندي آهي، سا محنتي ۽ پورهيو ڪندڙ ماڻهو ئي سمجهي سگهن ٿا.
  • ڪنهن ڏاهي اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن خودڪشي جي خيال کان به بچڻ چاهيو ٿا ته پاڻ کي مصروف رکو.
  • دل ۽ دماغ اسان جي جسم جا اُهي اهم عضوا آهن، جن جو اسان جي احساسن سان سِڌو واسطو آهي.
  • منهنجو خيال اِهو آهي ته دماغ وٽ منطق آهي ۽ دل احساسن سان ڀرپور آهي.
  • انهيءَ ڪري آئون ايئن ٿو سمجهان ته دماغ جي منطق کان دل جي احساس جي اهميت وڌيڪ آهي.
  • دل وٽ پنهنجا احساس آهن، جنهن کي دماغ ناهي سمجهي سگهندو ۽ دماغ وٽ پنهنجا دليل آهن، جيڪي دل کي قبول ناهن.
  • آخر ۾ سڀ الزام دل تي ايندا آهن ته دل بي چئي آهي ۽ پوءِ دل دماغ کان وڌيڪ ڀوڳيندي به آهي.
  • هر شيءِ، هر لقاءُ، هر لمحي ۽ هر ماڻهو ۾ خوبصورتي موجود هوندي آهي، پر بدقسمتي سان هرڪو اُها خوبصورتي ڏسي ناهي سگهندو.
  • جڏهن توهان خوبصورتي بابت سوچيو ٿا ته توهان کي نه رڳو پنهنجي اندر خوشي جو احساس محسوس ٿئي ٿو، پر توهان جي چوڌاري موجود هر شيءِ وڻندڙ لڳي ٿي.
  • لتا منگيشڪر جو آواز مون کي ڏاڍو وڻندو آهي. ڪجهه وقت اڳ سندس هڪ گيت ٻُڌم پئي، جيڪو سندس فلمن لاءِ ڳايل گيتن ۾ بلڪل ويجهائي جو هو. لتا عمر ۾ ته وڏي ٿي وئي، پر سندس آواز ۾ اُها خوبصورتي ۽ معصوميت اڳ کان به وڌيڪ محسوس ٿي. ساڳي طرح ڪشور ڪمار جي آواز ۾ به وڌيڪ سوز تڏهن هو، جڏهن هُو عمر ۾ وڏو ٿي چڪو هو. بلڪل ايئن ئي نامياري اداڪاره ريکا جي خوبصورتي به ته سدا بهار آهي. جيئن سندس عمر وڌي ٿي، تيئن ئي هوءَgraceful ٿئي ٿي.خوبصورتي تي جان ڪيٽس جا هي لفظ ڪيڏا نه وڻندڙ آهن: a thing of beauty is a joy forever
  • پنهنجي اندر ۾ خوبصورتي جي وڻن کي وڏو ٿيڻ ڏيو، ته جيئن اُنهن جي ڇانوَ ۾ ڪنهن کي سُک ملي سگهي.

***