ڊائري جا ورق ڀون سنڌي
چون ٿا ته آمريڪا جي صدر بش کي ڪنهن صحافي طرفان اڇلائي هنيل جوتي جو نيلامي ۾ هڪ ڪروڙ رپيا واڪ لڳو. اهو ڏينهن ڪڏهن ايندو، جڏهن ڪنهن محبوبا کي عاشق طرفان پيش ڪيل گلدستو ڪروڙن ۾ وڪامندو!
***
موت جي هڪ حد آهي جڏهن ته زندگي جي ڪابه حد ناهي، هاڻ اهو توتي ڇڏيل آهي ته مون کي چونڊي اونداهي ۾ گم ٿي وڃ يا زندگي کي چونڊي ڪائنات کي ڦلور.
***
سڌريل (ترقي يافته) ملڪ پنهنجي تحفظ ۽ خوشحالي لاءِ تمام گهڻا اپاءُ وٺي رهيا آهن، پر اهي تيستائين مڪمل تحفظ ۽ خوشحالي جو مزو ماڻي نٿا سگهن جيستائين هو اڻ سڌريل يا پوئتي پيل ملڪن سان انساني برابري جي بنياد تي ڪار وهنوار نٿا رکن ۽ ترقي جا گڏيل منصوبا نٿا جوڙين.
***
حساس ماڻهن جا خيال ۽ عمل عام ماڻهو لاءِ ڪڏهن به قابل قبول نه رهيا آهن.
***
ڪوري ڪاڳر تي نقش چٽڻ آسان ڪم آهي، پر اڳ ۾ ئي ڪاري ڪيل پني تي نقش هڪ ڏاهو (جينيس) ماڻهو ئي چٽي سگهي ٿو.
***
جڏهن مون کي پنهنجن نه ڪيل گناهن جي سزا ملي ٿي ته مون کي تنهنجي هئڻ جو گهٽ ۽ ظالم سماج جي موجود هئڻ جو وڌيڪ يقين ٿئي ٿو.
***
جيڪڏهن تون ۽ تنهنجا خيال مون کي هن دنيا ۾ پسند ناهن ته مان هن دنيا ۾ نرڳ ۾ ته رهڻ پسند ڪندس، پر تو سان سرڳ ۾ به قطعي رهڻ نه چاهيندس.
***
جيتوڻيڪ چنڊ کي پنهنجي ڪابه روشني ڪانهي پوءِ به هو پرائي مان جڳ کي روشني ڏي ٿو، پر تنهنجو اندر ته سج جيان روشن آهي جي تون سج نٿو ٿين ته گهٽ ۾ گهٽ چنڊ جهڙو ته ٿي.
***
جڏهن ماڻهو ڪم جي يڪسانيت مان تنگ ٿئي ٿو ته هو ڪجهه وقت لاءِ ساهي پٽڻ چاهي ٿو ۽ اها ساهي جيڪڏهن ڊگهي ٿي وڃي ته هن کي ناڪاره ڪري ڇڏي ٿي ۽ نيٺ هو موت جي منهن ۾ هليو وڃي ٿو.
***
ڀلي کنڊ 60 رپيا ڪلو ملي، اٽو چاليهه رپيا ڪلو ملي، اين ايف سي ايوارڊ ڪهڙو به ملي، نوڪري ۽ روزگار ڀلي نه ملي، سنڌ جي وسيلن جي مالڪي نه ٿئي، ماڻهو بک پيا مرن، حڪمران عياشيون پيا ڪن ۽ ڳوليا به نه لڀن، تڏهن به ووٽ سنڌي ماڻهو شهيدن جي پارٽي کي ڏيندو. ڇو ته ”عاشق مجبور آ ڀل ڪيڏو به ڪنڌار هجي“
***
ها هنن کي اسان جي جوتي اڇلائي هڻڻ تي بيعزتي ٿي محسوس ٿئي، پر جڏهن هو ڪرپشن سان پنهنجا ٻئي هٿ ۽ منهن ڪارو ڪن ٿا، تڏهن هو بيعزتي نٿا محسوس ڪن ۽ ڏند ٽيڙي کلن ٿا.
(هڪ ليڊر کي پريس ڪانفرنس دوران جوتو لڳڻ تي)
***
اکيون پوري هلون ٿا ته لڳي ٿو ته ملڪ ۾ کير جون نديون وهي رهيون آهن ۽ جي اکيون کوليون ٿا ته رت جون نديون وهنديون ڏسون ٿا، وڃون ته ڪيڏانهن وڃون؟
***
هن پڇيو: ”تنهنجي وڏي ۾ وڏي خواهش؟“
مون چيو: ”پوري ڪائنات جو چڪر لڳائڻ ۽ ان جو انت ڳولي لهڻ.“
هن چيو: ”اها ته اڻ ٿيڻي خواهش آهي ۽ ان تي پهچ ناممڪن آهي“
مون چيو: ”خواهش اڻ ٿيڻي مان ئي جنم وٺندي آهي ۽ جتي پهچ ئي ناهي هوندي اتي ساڀيان ماڻيندي آهي.“
هن چيو: ”تنهنجي زندگيءَ جو انت ٿي ويندو، پر اها خواهش پوري نه ٿيندي.“
مون چيو: ”زندگيءَ کي ته انت (موت) آهي، پر خواهشن کي موت ناهي. خواهشون موت جي چوواٽي تي به ساهه کڻنديون آهن ۽ زنده رهنديون آهن.“
***
ايڪيهين صدي سائنس ۽ ترقي جي واڌ ويجهه جي صدي آهي، پر ٿر جي بک، مايوسي، درد ۽ پيڙا ان تي ڪارو ٽڪو آهي يا اڃان به ائين چئجي ته ان جي منهن تي گهروڙيل ڀونڊو آهي..
***
سونهن ۽ سر (ڏات) کي بقا آهي ۽ اها ازل کان ابد تائين ماڻهو جي من کي موهيندي رهندي، پر حيرت تڏهن ٿئي ٿي، جڏهن فڪرن/نظرين جي ڪري، جيڪي وقت سان گڏ تبديل ٿي وڃن ٿا ۽ پنهنجو وجود وڃائي ويهن ٿا، انهن جي عظمت جو رعب ويهارڻ ڪاڻ ماڻهو هڪٻئي جا ويري ٿيو پون ۽ هن ڪائنات جو حسن بگاڙي ڇڏين ٿا.
***
انسان جي ٽين اک علم آهي (هڪ چوڻي)
شرط اهو آهي ته پهرين ان کي ٻه اکيون لازمي هئڻ گهرجن.
***
صائمه جروار جي بي رحمي سان ٿيل قتل اسان جي عظيم ثقافتي قدرن ۽ صوفي مزاج جي روين تي منڌيئڙو لڳائي ڇڏيو آهي.

