نئون

زخم جي گهرائي ڏيکارڻ وارو اسڪينز تيار

هي اسڪينر جسم تي موجود زخم جي گهرائي ۽ انفيڪشن ۾ موجود بيڪٽيرياز جي شناخت ۾ مدد ڏيندو. اهڙن مريضن جن جا زخم يا ته ذيابيطس ڪارڻ ٿي پيندا آهن يا اهڙا زخم جيڪي بيڪٽيرا جي ڪري خراب ٿي ويا هجن انهن جي گهرائي ۾ اسڪيننگ ڪري معلومات ڏيندو. هن کان اڳ ۾ اهي ٽيسٽون ڪافي وقت ۾ ٿينديون هيون پر هاڻي هن اسڪينر جي مدد سان ماهر جلد ئي انهن زخمن بابت معلومات وٺي سگهندا. ماليڪيولائيٽ آءِ ايڪس نالي هن اسڪينر ۾ انفيڪشن هڪ چمڪندڙ روشني جي صورت ۾ نظر ايندو آهي. ان کان علاوه هن جي اسڪرين تي جيڪڏهن زخم جو ڪجهه حصو ڳاڙهو هجي ته ان جو مطلب ته اهو حصو اڃان وڌيڪ خراب ٿيڻ وارو آهي. هن اسڪينر جي پهرين خوبي اها آهي ته اهو زخم جي درست ترين پيمائش ڪندو، جنهن سان گڏ اهو ان جي گهرائي به ٻڌائيندو. جيڪڏهن توهان کي اسپتال جي ڪنهن سامان تي شڪ هجي ته اهو  جراثيم سان خراب ٿيل آهي ته ان جي به ثابتي هن اسڪينر مان ٿي ويندي. هي اسڪينر اونڌاهي ۾ بهترين ڪم ڪندو آهي. ڇاڪاڻ ته ڪمري جي روشني هن جي ڪم ۾ رخنو وجهندي آهي.