ٽي وائير کپائيندڙ ڪمپنيون دٻي تي لکن ته اهو کير نه آهي: سپريم ڪورٽ
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان کير تيار ڪندڙ ڪمپنين لاءِ حڪم نامون جاري ڪيو آهي ته اهي دٻن تي لکن ته هي کير نه آهي، 7 ڪمپنين کي نوٽيس جاري ڪيا ويا کانئن جواب طلب ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري ۾ خشڪ کير بابت درخواست جي سماعت ٿي جنهن ۾ چيف جسٽس، ڊي جي فوڊ کان سوال ڪيو ته ڪيتريون ڪمپنيون آهن جيڪي کير کپائين ٿيون ڪيتريون ڪمپنيون آهن جيڪي ٽي وائيٽنر جي نالي تي کير کپائين ٿيون. ان کان علاوه جانورن کي وڌيڪ کير ڏيڻ لاءِ ٽڪا لڳايا پيا وڃن. چيف جسٽس اهو به چيو ته پولٽري انڊسٽري ۾ به اسٽرائيڊز جو استعمال ڪيو پيو وڃي. ڪيس جي سماعت ۾ فيصلو ڏيندي عدالت چيو ته کير تيار ڪندڙ ڪمپنيون آئنده کير جي دٻن تي اهو لکنديون ته هي کير نه پر ٽي وائيٽنر آهي.