بلاگ

ڪلاسيڪل ڪھاڻيڪار غلام  نبي سومرو

 خالد پرويز 

طارق  اشرف پاران نڪرندڙ  ماهوار “سهڻي” رسالي ۾    ڇپيل ڪهاڻي ”  ماڊل   گرل  محبت ۽ چترڪار “ادب جي دنيا جي چغادري لکندڙن ۽ پڙهندڙن کي  صفا ڇرڪائي  ڇڏيو  ھو. سنڌي ادب ۾ غلام نبي سومرو جي اها ڪا پهرين ڪهاڻي ڪون هئي.پر انهي ڪهاڻي جي  ڇپجڻ کان پوءِ غلام نبي پهرئين ڌڪ ۾ سنڌ جي وڏن  ۽ ناليوارن لکندڙن جي قطار ۾ شامل ٿي ويو.انهي دور  ۾ جڏهن سنڌي ڪهاڻي جو عروج هو،آغا سليم،علي بابا جمال ابڙو،شوڪت شورو ،عبدالقادر جوڻيجو،نورالهدا شاه،نجم عباسي جهڙا سر موڙ ڪهاڻيڪار موجود هئا انهي وقت غلام نبي سومرو   “ماڊل گرل محبت ۽ چترڪار ” لکي سمورن پڙهندڙن ۽ لکندڙن کي پنهنجو   مداح بڻائي ڇڏيو هو. غلام  نبي  سومرو مسلسل ،  لکندو رهيو آھي پر ڪي  لکڻيون  ليکڪ جي ڄڻ  ته سڃاڻ  بنجي  پونديون  آھن، جيئن  آغا  سليم    جي ڪهاڻي “شڪست جو آواز ” امرجليل جي ڪهاڻي  “اروڙ جو مست”   نسيم  کرل جي ڪهاڻي ‘پهرئين مرادجمال  ابڙو جي ڪهاڻي  “پشو پاشا”  اھي  سڀ وڏا  ڪهاڻيڪار  رهيا آهن، پر  ڪا ڪهاڻي طلسماتي بڻجي پوندي آهي،جيڪا پڙهندڙن جي ذهن  تي اڻ مٽ نشان ڇڏي ويندي آهي.توڻي جو انهن قلمڪارن  جون  ٻيون  به  انيڪ  ۽ شاهڪار ڪهاڻيون    سرجيل   هونديون   آھن. پر ھر ڪهاڻيڪار جو ڪو نه     ڪو  شاهڪار ناول ، ڪهاڻي ، نثر يا نظم،افسانو يا  نظم  نمايان  هوندو  آھي .توڻي  جو  سندن  ٻيون به  کوڙ  ڪهاڻيون، نثر ، نظم ، افسانا  يا  ناول  هوندا  آهن  جيڪي فني اعتبار سان شاهڪار ئي هوندا آهن.پر  ڪا لکڻي ڄڻ ته لکندڙ جي “رسيدي  ٽڪيٽ”هوندي آهي.

مون  اڳ  ۾  به  عرض  ڪيو  آھي  ته  پنهنجي  عزيز  رشتي تي ڀاءُ  تي، پيء  تي، يا  ڪنهن  اھڙي  دوست  تي جنهن جو مقام ڪنهن  عزيز  رشتي  جهڙو  هجي  ، انهي تي لکڻ انتهائي ڏکيو   هوندو  آھي،انهي  ڪري  به ته لکندڙ جڏهن ڪنهن شخصيت  تي لکڻ  شروع ڪندو  آهي ته سندس  اندر  جو  جج  چوندو  آھي  ته  ڪٿي کائنس ڪا رياڪاري نه ٿي وڃي. غلام  نبي  سومري      ۽ منهنجي  وچ  ۾   چئن  ڏهاڪن  جو  رشتو  جڙيل   آھي. ۽   ھاڻي  ته  اسان  جو  اولاد  به  هڪ ٻئي جو دوست  آهي. يونيورسٽي ۾ هو اسان کان ٻه ٽي سال اڳ داخل ٿيو هو.وزير ميمڻ،منير ٻٻر ،ارشاد شاه ۽نور  محمد  سومرو مرحوم سندس  جوڙ  جا  ۽   يار ھئا، منير  ٻٻر  لاء  مونکي  هميشه اهو افسوس رهيو ته ان وقت پڪي پختي ۽ رومانس سان ڀريل شاعري ڪندڙ ،شاعري کي  ڇڏي دنيا جي ٻين خفن ۾ گم ٿي ويو،مون کي انهي  وقت يونيورسٽي جي ادبي ڪچهرين ۾ جن ٻن شاعرن  متاثر ڪيو سي هئا منير احمد ٻٻر ۽ نور محمد سومرو، منير جي حوالي سان بس ائين چئجي ته “ڪڇ عشق ڪيا ڪڇ ڪام ڪيا،ڦر دونون ڪو اڌورا ڇوڙ ديا. پر انهي کانپوء به منير ٻٻر نه رڳو گهڻو پڙهندڙن مان آهي پر سندس مقام ھڪ بهتر استاد طور به سوسائيٽي ۾  نمايان آهي.نور محمد سومرو ” جڏهن به پڪاريو  پڳاسين اسين قطارون  قطارون،ڪٺاسين اسين.”جهڙي ڀلوڙ شاعري  ڪئي. سندس شاعري ڪتابي شڪل ۾  به ڇپي  پر نور سومرو زماني جي  بيقدرين جي ور چڙھي ويو ۽ جهان مان سجهندي ئي موڪلائي ويو،سائين ارشاد شاه فقير منش انسان هو اھو به ويو موڪلائي،ارشاد شاه   جي اندر ۾  محبتن جا گلاب پوکيل ھوندا هئا،ساء ارشاد  جي آخري آرامگاه  تي جڏهن به وڃبوته اتان گلابن جي  خوشبوءِ ايندي.وزير ميمڻ وري علم ادب جي عاشق سان گڏ وري ھڙنين يارن جو “عاشق  ياران “هو.پر اڳتي هلي وزير ميمڻ “ساري جهان ڪا درد ،هماري جگر ۾ هي“.   

هو  رڳو  يارن جو عاشق نه  هو، پر هو سڄي لوڪ   ۽ سمورن انسانن جو عاشق، کوڙ سارن انسانن جي ڏکن    جو مداوا، دردن جي دوا ۽  مسيحا رهيو.عزيز چنڊ به  علمي ادبي ذوق رکندڙ ڀلوڙ انسان، انهن ساڳين ڏينهن ۾ گڏ رهيو.ھي اھو دور هو جڏهن مون  مائوزي تنگ ،چائنا  جو ادب روس جو انقلاب، لينن،اسٽالن، مانء، چراغ جلتا  رها، پھاڙون ڪي  بيٽي ايئن داس ڪيپيٽال  جهڙا ڪتاب پئي پڙهيا.علم ، ادب ۽  فڪري هڪجهڙائي جي ڪشش مونکي  ۽ غلام نبي سومري کي هڪ ٻئي سان  ڳنڍي ڇڏيو .غلام نبي انهي وقت زرعي انجنيئرنگ جي چونڊ ڪئي هئي ۽  مون زرعي معاشيات پئي پڙهي. علم، ادب، شاعري، انقلاب  اسان کي ايترو ويجهو ڪري ڇڏيو جو هڪڙي ڏينهن جوھر هاسٽل جي ڪمري نمبر  چار سو اوڻٽيھ ۾  مون ۽  غلام نبي سميت ،گل محمد    شريف دائودپوٽو،سيف ٽالپر،محمدخان لغاري ،سرويچ  ساجناڻي، سڀني اچي انهي ڪمري تي ديرو ڄمايو،مون کي انهي ڪمري ۾  هندستان جي اداڪاره بنديا گوسوامي جي لڳل تصوير اڃان به ڪون وسري آھي،جنهن جا اسين سڀ جا  سڀ عاشق هئاسين. سمورا يار  غريباڻا ٻار هئاسين، چانھ پيئبي ھئي ته هر هڪ روپيو  ڪڍي شريف دائود پوٽي کي ڏيندو ھو.۽ عبدالله جي ڪينٽين تي شام جو ڪچهرين سان گڏ چانهن پيئڻ جي عياشي ڪبي ھئي. جنهن ۾ سيف ٽالپر جي  K-2   سگريٽ  جا ڪش ۽  فضائن  ۾ اڏامندڙ دونهون به نمايان هوندو هو .غلام نبي جي طبيعت انهي وقت به قلندرانه

ھئي،سڀني يارن جي رت ۾  خانداني شرافت ھئي نه ڪنهن جهيڙي ۾ نه جهٽي ۾ سڀني سان نيازمندي هوندي ھئي،بس ايئن اسان جي سنگت جو گاڏو پيو  هلندو  هو ۽  پڙاهايون به پيون ٿينديون هيون.ادبي  سنگت جون گڏجاڻيون به انهي ڪمري تي ٿينديون هيون.غلام نبي کي انهي  وقت فلمن ڏسڻ جو وڏو شوق هوندو هو.فلم ڏسڻ ۾ جوڙ وري آئون ھوندو هئس.شام جو يونيورسٽي مان نڪربو هو،حيدرآباد ۾  انهي وقت اڻ ڳڻيون سئينيمائون هيون.شام جو ڇهين بجي وارو شو نڪري ويندو هو ته وري رات جو نوين وڳي وارو شو ڏسي رات جو حبيب ھوٽل تان ميرپور ويندڙ آخري بس تي چڙهبو ھو ۽  يونيورسٽي ھاسٽل تي پهچبو هو.

غلام نبي نهايت ڪم گوء ۽  سنجيده شخصيت جو  ڌڻي ۽ سٺن ٻڌندڻن مان ۽  طلمساتي لکندڙن مان رهيو آهي،ڪنهن به ڳالھ کي ڪٿي ڪجي ،ڪٿي چپ رهجي ۽ پنهنجي ڳالھ پيش ڪرڻ جو انداز ته ڪو غلام نبي  کان سکي.ھو منهنجي نظر ۾ انهن ٿورن ماڻهن ۾ شامل آھي ،جن جو مطالعو ۽ گهر جو دسترخوان وسيع آھن. سندس چواڻي ته ڌنڌي ڌاڙي جي پڄاڻي کان پوء باقي ڏينهن سنگت  ۽ ڪتابن سان گزاربا.طبيعتن غلام نبي  نهايت  ئي معصوم  سادو انسان آھي .ڪنهنجي به عزت نفس کي  مجروح ڪرڻ جو وٽس تصور ئي ناھي.   غلام نبي يونيورسٽي کي خير آباد ڪيو ۽ ٻياسي ٽياسي ڌاري بينڪ جوائن ڪئي.اھو وقت اھڙو هو جڏهن هڪ ٻئي  سان ڳانڍاپي جا وسيلا  تمام  گهٽ هئا.ائين  نون سالن جي  وڇوٽي کانپوء اسان وري هڪ ٻئي کي ڳولي لڌوسين،جڏهن منهنجي جوائنگ مٺي بينڪ ۾ مئنجر طور ٿي ۽  غلام نبي جي مقرري بئنڪ مئنجر ماتلي طور هئي. غلام نبي بابا جو دوست رهيو،منهنجو دوست آهي  ۽ منهنجن ٻارن جو دوست آھي،منهنجا ٻار وري مونکي غلام نبي ۽ سندس ٻارن ،روشن ۽ حسنين جي دوستي جو مثال ڏيندا آهن.زندگي ۾ ڪٿي به ٿيڙ نه   کائڻ ،ضرورت مهل ڪنهن جي لڪ ڇپ ۾ مهل ڪرڻ ڪئلڪيوليٽيڊ زندگي گزارڻ جو فن مون غلام نبي ۾  ڏٺو، ڪنهن  سان دامين ،درمين،سخنين بنا ڪنهن مفاد جي ڪنهن جي به چڱائي ڪرڻ وارو موقعو ھٿان نه وڃائڻ واري اشرافت مونکي غلام نبي ۾  نظر آئي.غلام نبي علمي ادبي فڪري ۽ پنهنجي مزاج ۾   حليم طبيعت جو انسان  ته آهي ئي ،ھو مون لاء انهي ڪري به وڏو مان نٿو لهي ته هو رڳو منهنجو دوست آهي ،پر هو    انهي ڪري به وڏو  مان لهي ٿو ته ، غلام نبي، ڊاڪٽر  مبارڪ کان وٺي عابد منٽو ۽  پاڪستان جي سمورن   کاٻي ڌر  جي  پتيءَ  جي شخصيت   آھي.  اسان  جي سوسائيٽي ۾ ڏک سک،خوشيون ،هڪجهڙيون  آهن ائين اسان پنهنجا ڏک سک ۽ خوشيون به ونڊيندا رهندا آهيون.غلام نبي جتي ٻئي جي نيڪوڪارين ۽ صفتن    جو برملا اظھار ڪندو آھي،اتي وري ڪنهن جي ڪمي   ڪوتاھي جي ذڪر کان لاعلم  ٿي ويندو آهي،ڪنهن جي اوڻاين جو ذڪر نه ڪرڻ ۽  جي ڪو اهڙو   موقعو اچي  وڃي ته ٻي بادشاه جي ڳالھ ڪرڻ وارو  ھنر ڪو کائنس سکي.رشتا نباهڻ هٿ تي پارو جهلڻ برابر هوندو آهن ۽  غلام نبي رشتا نڀائڻ ۽ رشتن جو    احترام ڪرڻ خوب  ڄاڻي .گذريل ويهڪ ۾  ٻڌايو ھئين ته سندس ڪهاڻين جو ڪتاب ڇپائي  جي آخري  مرحلي  ۾ آھي،اسان سڀني کي سنڌ جي هن سرموڙ ڪهاڻيڪار  ۽  دل گهريئي دوست جي ڪتاب جو شدت سان انتظار  هو.سو ڪالھ مونکي سندس ان ڪتاب جي اعزازي ڪاپي وڏي اعزاز سان اچي ڏنائين. سندس محبتون سدا لاء قائم ۽ دائم هجن.

 

ماڊل گرل، محبت ۽ چترڪار (غلام نبي سومرو)

خالد پرويز.

 

خالد پرويزڪنڀر، يونيورسٽي  ۾  ليفٽ جي  شاگرد  سياست  ڪندڙ ۽ مزاحمتي شاعر  به  رهيو  آهي، سنڌي  ڪالمن  کانسواءِ اردو  جا بلاگ  پڻ  لکندو  آھي. سندس  لکڻ جو  محور، اقليتون، عورتون  ۽ ٻار  آهن. پاڻ  حيدرآباد ۾  رهندا آهن.