نئون

روس ۾ دهشت گردي جي شڪ ۾   ڪنهن کي به ٿڏي تي مارڻ جو حڪم

ڪجهه ڏينهن اڳ سينٽ پيٽرز برگ ۾ بم ڌماڪي کانپوءِ روس جي صدر ملڪ اندر دهشت گردي جي شڪ ۾ ايندڙ ماڻهن کي ٿڏي تي مارڻ جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آهي سينٽ پيٽرز برگ واري حملي ۾ 14 ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا. هيءَ ڳالهه به اهم آهي ته روسي صدر پيوٽن جو تعلق به سينٽ پيٽرز برگ سان آهي. اهڙو اعلان هن  شام ۾ روسي فوجين پاران سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي   فوجين ۾انعام ورهائڻ واري تقريب ۾ ڪيو.اعلان ۾ هن چيو ته  جيڪي به ماڻهو دهشت گردي جي  شڪ ۾  گرفتاري ۾ مزاحمت ڏيکارين انهن کي ٿڏي تي ماريو وڃي.