نئون

سنڌ حڪومت پاران 1500 گهوسٽ ڊاڪٽرن کي برطرف ڪرڻ جو اعلان

سنڌ حڪومت 6 کان 13 سالن تائين ڊيوٽين تان گم ٿيل ڊاڪٽرن کي عهدي تان بر طرف ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهي سڀ ڊاڪٽر 17 ۽ 18 گريڊ جا ملازم آهن. سمري وڏي وزير کي اماڻي وئي آهي، سمري ۾ اهو ڄاڻايو ويو آهي ته  ڪا خبر نه  آهي ته  اهي ڊاڪٽر هن وقت ڪٿي آهن. سمري ۾ به آپشن ڏنا ويا آهن هڪ ته اهڙن آفيسرن کي اي سي آر ڏنيون وڃن يا برطرف ڪيو وڃي. ان سان گڏوگڏ اها صلاح به ڏني وئي آهي ته سڀني ڊاڪٽرن پاران هن وقت تائين غيرحاضر رهڻ باوجود به پگهارون کنيون پيون وڃن، جيڪا رقم واپس ڏيڻ لاءِ به زور وڌو ويندو. اهڙن ڊاڪٽرن جا نالا هن ريت آهن. ڊاڪٽر محمد حنيف، ڊاڪٽر وقار الحسن، ڊاڪٽر عبدالصمد، ڊاڪٽر افتخار سومرو، ڊاڪٽر بختيار، ڊاڪٽر محمد جلال لادين، ڊاڪٽر علي اڪبر، ڊاڪٽر افتخار، ڊاڪٽر حمايت خان، ڊاڪٽر ارجن داس، ڊاڪٽر اڪرم احمد.