خاص

آرمي ايوي ايشن جو هيلي ڪاپٽر گم، ڪور ڪمانڊر سميت اهم شخصيتون سوار هيون

پاڪستان آرمي جو ايوي ايشن هيلي ڪاپٽر بلوچستان ۾ گم ٿي ويو، هيلي ڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر سرفراز علي به سوار هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر موجب هيلي ڪاپٽر لسٻيلي جي علائقي ۾ ٻوڏ رليف آپريشن جو حصو هو هيلي ڪاپٽر ۾ ڪور ڪمانڊر سميت 6 ڄڻا سوار هئا، جيڪي ٻوڏ رليف آپريشن جي نگراني ڪري رهيا هئا. ڊي جي آءِ ايس پي آر پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته هيلي ڪاپٽر جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.