خاص

ملڪ ۾ سڀ کان وڏو ڪاروبار ته فوج جو آهي، ان کي نيب قانون کان ٻاهر ڇو رکيو ويو آهي؟ سپريم ڪورٽ

سپريم ڪورٽ جي فاضل جج ريمارڪس ڏنا آهن ته پاڪ فوج کي نيب قانون کان ٻاهر ڇو رکيو ويو آهي؟ چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني خاص بئنچ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڇا ڪو رهجي ويو آهي جنهن کي نيب قانون تحت ڇُوٽ نه ملي هجي؟ تعلقي ڪائونسل جي چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي فيصلن کي به ڇوٽ ملي وئي آهي. جسٽس منصور علي شاهه چيو ته ظاهري طور آفيسرن کي عوامي عهديدارن کي فيصلي ڪرڻ جي آزادي هوندي آهي. جنهن تي عمران خان جي وڪيل خواجا حارث چيو ته اهڙن فيصلن سبب ئي ماضي ۾ اٺ ارب کان وڌيڪ رڪوري ٿي. جسٽس منصور علي شاهه پڇاڻو ڪيو ته ڇا رڪوري عوامي عهديدارن کان ٿي هئي؟ هن چيو ته هر سرڪاري فيصلي جو ڪنهن نه ڪنهن طبقي کي فائدو ٿيندو ئي آهي. جسٽس منصور علي شاهه ريمارڪس ڏنا پاڪ فوج کي نيب قانون جي پهچ کان ڇو پري رکيو ويو آهي، ملڪ ۾ سڀ کان وڏا ڪاروبار ته انهن جا آهن، حيرت آهي ته تحريڪ انصاف فوج کي نيب قانون جي پهچ کان ٻاهر رکڻ تي اعتراض ڇو ناهي واريو، قانون پٽاندڙ ججن کي پڻ ڇوٽ ناهي، ججن جي حوالي سان ڪا پرديداري هجي ته اها ٻي ڳالهه آهي، احتساب لاءِ ٻيا ادارا به موجود آهن. عمران خان جي وڪيل خواجا حارث چيو ته ترميمن ذريعي اختيارن جي ناجائز استعمال وارا ڏوهه به ڪڍيا ويا آهن. چيف جسٽس چيو ته اثاثن جي آمدني سان رڳو وڌيڪ هجڻ ڪافي ناهي، اثاثن ۾ ڪرپشن يا بي ايماني جو هجڻ پڻ ضروري آهي.