پاڪستان ريلوي وڌيڪ ٽن ريلن جي بحاليءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو، شيڊيول جاري
پاڪستان ريلوي وڌيڪ ٽن ريلن جي بحالي جو اعلان ڪري ڇڏيو، تيزگام، هزارا ايڪسپريس ۽ بهاءُالدين ذڪريا ايڪسپريس مرحلي وار پٽڙين تي هلنديون. پاڪستان ريلوي طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ موجب ٻوڏ کان متاثر ريلوي ٽريڪس بهتر ٿيڻ تي وڌيڪ ٽن ٽرينن جي بحالي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. جاري ڪيل شيڊيول ۾ ٻڌايو ويو آهي ته راولپنڊي کان ڪراچي لاءِ تيزگام ايڪسپريس پهرين نومبر کان، حويليان کان ڪراچي تائين هزارا ايڪسپريس، 10 نومبر کان ملتان ۽ ڪراچي جي وچ ۾ بهاءُالدين ذڪريا ايڪسپريس 20 نومبر کان بحال ٿيندي. ترجمان موجب ٽرينن لاءِ بڪنگ جي شروعات ڪئي وئي آهي.

