خاص

ارشد شريف قتل جي جاچ ۾ عمران خان ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزيرکي به شامل ڪيو وڃي: شرجيل ميمڻ

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته ارشد شريف جي قتل جي جاچ ۾ عمران خان ۽ ڪي پي ڪي جي وڏي وزيرکي به شامل ڪيو وڃي. پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ هن چيو ته ارشد شريف کي ڪنهن جي چوڻ تي پشاور ايئرپورٽ تي سرڪاري پروٽوڪول ۾ ٻاهر وڃڻ تي مجبور ڪيو ويو. عمران خان پنهنجي سياست لاءِ هر شيءِ کي داءَ تي لڳائي رهيو آهي. هر گذرندڙ ڏينهن عمران خان جو اصل چهرو قوم جي آڏو کولي سامهون رکي رهيو آهي. هن چيو ته هي آزادي مارچ نه پر خوني مارچ آهي. صوبائي وزير چيو ته قوم اندازو لڳائي ته عمران خان ڪيتري حد تائين هليو ويو آهي. هن چيو ته قوم ڪوڙي ۽ ملڪ دشمن شخص جي ڳالهين ۾ نه اچي. عمران خان نيازي 2011ع کان قوم کي جيڪي خواب ڏيکاريا ڇا ھن اقتدار ۾ اچڻ بعد انھن کي پورو ڪيو. هن چيو ته عمران خان نيازي جو حقيقي مارچ 2022 هڪ نئون ڊرامو آهي.