خاص

صدف ڪنٽينر تي مقرر گارڊن طرفان ڌِڪو ڏيڻ سبب فوت ٿي: ساٿي رپورٽر جي دعويٰ

تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ ڪنٽينر تان ڪِري فوت ٿيندڙ عورت رپورٽر صدف نعيم جي ساٿي رپورٽر جو چوڻ آهي ته صدف جي شهادت ڪنٽينر تان ڪِرڻ سان نه، پر ڪنٽينر تي مقرر گارڊن طرفان ڌڪو ڏيڻ سبب ٿي. صدف نعيم جي ساٿي رپورٽر افضل سيال چيو آهي ته صدف عمران خان جو انٽرويو ڪرڻ لاءِ ڪنٽينر تي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي، صدف ڪنٽينر جي دَر جو هينڊل پڪڙي ورتو هو، پر گارڊ کيس ڌڪو ڏنو، جنهن تي هوءَ آهستي آهستي ڪنٽينر جي ڦيٿن ۾ اچي وئي. واضح رهي ته تحريڪ انصاف جي لانگ مارچ ۾ عمران خان جي ڪنٽينر هيٺان اچي نجي ٽي وي جي رپورٽر صدف نعيم فوت ٿي وئي، جنهن سبب عمران خان ڪلهه مارچ کي اتي ئي روڪي ڇڏيو.