خاص

شاگرد مارڻ واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي گرفتار

لاڙڪاڻي ۾ شاگرد محسن شاهه کي مقابلو ڄاڻائي مارڻ واري ڪيس ۾ ڊي ايس پي ۽ ڪانسٽيبل کي گرفتار ڪيو ويو آهي. عدالت پاران ڪيس ۾ ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس ڊي ايس پي ميران خان دراني ۽ اهلڪار فرقان جتوئي کي عدالتي احاطي مان گرفتار ڪيو ويو. ڪيس ۾ نامزد هڪ ٻيو اهلڪار مختيار ڪلهوڙو فرار ٿي ويو. مقتول شاگرد محسن شاهه جي والد جو چوڻ آهي ته 14 مارچ 2020 تي پوليس جڙتو مقابلو ڄاڻائي چئن نوجوانن کي گوليون هنيون هيون. زخمي ٿيل چئن نوجوانن مان محسن شاهه زخمن جي سٽ نه سهندي بعد ۾ دم ڏنو هو.