وٽامن ڊي جي سپليمينٽ جي استعمال سان جِلد جي سرطان جا امڪان گهٽ ٿي وڃن ٿا
هڪ نئين تحقيق ۾ معلوم ٿيو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي وٽامن ڊي جي سپليمينٽ جو باقاعده استعمال ڪن ٿا، ان جي نتيجي ۾ سندن جِلد جي سرطان ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان گهٽ ٿي وڃن ٿا. يونيورسٽي آف ايسٽرن فِن لينڊ ۽ ڪوپيو يونيورسٽي اسپتال طرفان گڏيل طور تي ڪئي ويندڙ تحقيق ۾ جِلدي مرضن جي ماهرن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته اهي ماڻهو جيڪي باقاعدگي سان وٽامن ڊي جا سپليمينٽ کائن ٿا انهن جا ميلينوما ۾ مبتلا ٿيڻ جا امڪان گهٽ ٿين ٿا ۽ جيڪي نٿا کائن انهن ۾ وڌيڪ ٿين ٿا.

