اميدن جا ڦاهي گهاٽ
هر سال رمضان جي عيد جي ٻئي ڏينهن تي اسين سڀ پاڙي وارا مايون توڙي مرد وڏي خوشيءَ منجهان موهن جو دڙو گھمڻ ويندا آهيون. هڪڙي ڀيري ائين ئي موهن جي دڙي تي سڀني کي سنبرندو ڏسي توکي به بس جي طرف وڌندو ڏسي ورتو هئم، دل ۾ آس اٿلي پئي هئي، ارادو ته ان ڏينهن موهن جي دڙي گھمڻ جو اڳ ۾ ئي ڪيو هيم. تنهنجي هلڻ جي خبر به هئي، پر تڏهن به دل شڪ منجھ ٻڏل هئي ته متان تون نه هلين.! پوءِ تون هلي هئينءَ. تڏهن پڪ ڀانئين، ٺهي ٺڪي بس جي در منجھ اٽڪي پيو هيم. تون گيٽ جي ڀرسان واري سيٽ تي ويٺي هئينءَ. مان به آهستي آهستي سرندو پرندو وڃي بانٽ تي ويٺو هئم. بس ۾ سڀ پنهنجون ئي ڪي ماسيون، چاچيون، پڦيون، اديون، سوٽيون ۽ ماساتون ويٺيون هيون. اسان سان پاڙي جا ڪافي ڇوڪرا به هليا هئا. مون ته بنھ ڪنهن ڏانهن به ڪين ڏٺو هو. توکي ئي (چور نظرن سان) تڪيندو رهيو هئم. اکين ئي اکين ۾ پنهنجي چاهنا جي سموري ڪٿا ڄڻ توکي ڪري ڇڏي هئم. من اندر لفظن جا ڍڳ ٺهي پيا هئا. سوچيو هئم ته ڪڏهن نه ڪڏهن من اندر ٺهي پوندڙ ڍڳ لفظن مان ٿورا جملا جوڙي توسان اظهار ڪري وٺندس. توسان ڳالهائيندم. توسان اندر اوريندم. ان کان اڳ تنهنجي ويجهو ته هوندو هئم. توسان ڳالهائيندو به هئم، پر توسان اظهار نه ڪري سگهيو هئم. توکي پنهنجو بڻائي ڪو نه سگهيم هئم. توسان الائي جي ڪيئن اک اڙي پئي هئي ۽ پل کن ۾ نه ڄاڻ تنهنجي چاھ جي چڻنگ دکي دکي اندر ۾ مچ ٻاري ڇڏيا هئا. رڳ رڳ تنهنجو ئي راڳ الاپڻ شروع ڪيو هو. روح جي پولارن ۾ تنهنجي ئي نانءُ جو راڳ آلاپبو رهندو هو. راتين جون راتيون تارن ڳڻڻ ۾ ٽپي وينديون هيون، پر توکي ان ڳالھ جي سڌ به نه هوندي هئي ۽ ڪنهن کي به نه هئي. مان اندر ئي اندر ۾ سڙندو، پڄرندو ۽ پچندو رهندو هئم ۽ اها پڪ هوندي هئم ته ڪنهن نه ڪنهن ڏينهن توکي چئي ضرور ويندم ته مان تو سان محبت ڪندو آهيان. پوءِ موئن جي دڙي تي هلڻ کي غنيمت سمجهي بس منجھ اٽڪي پيو هئم. مون تي ته ڪنهن شڪ به ڪونه ٿي ڪيو. سڀ ڪو ننڍڙين ننڍڙين خوشين جي حاصلات لاءِ پنهنجي ڌن ۾ مگن پئي لڳو. جڏهن تون ٽيوشن پڙهڻ ويندي هئينءَ ته بهاني سان اسان جي گهر به ايندي هئينءَ. ٽيوشن سينٽر ۾ ماما مون کي به سيٽ ڪري ڇڏيو هو. ماما سان گڏ مان به ٻارن کي هلڪو ڦلڪو هوم ورڪ ڏيندو هئم. تڏهن تون سامهون ايندي هئينءَ تڏهن هينانءُ ٺري پوندو هو.
تنهنجي گهر وارن سان ڀائپي برادري جي معمولي ڊيگھ هوندي هئي (۽ آهي). پر توکي هڪ ئي نظر ۾ الائي جي ڇو پنهنجو سمجهڻ لڳو هئم. تنهنجي لاءِ خواب سجائڻ شروع ڪيا هئم. ماما جي گهر ٽيوشن سينٽر هئڻ ڪري ڳوٺ جا هڙئي ڇوڪرا توڙي ڇوڪريون پڙهڻ ايندا هئا، پر جڏهن تون ايندين هئين تڏهن دل ٻھ ٻھ ٻهڪندي هئم. ڀائيندو هئم ڄڻ تون منهنجي ڪري آئي هجين. ان سمئه مان ايڏو ته ٽلي پوندو هئم ڄڻڪ جھمر هڻندو هجان. توهان جو گهر پاڙي جي مسجد جي ساڄي پاسي هوندو هو (۽ آهي) ۽ اسان جو گهر وڏي مسجد جي کاٻي پاسي. اسان جي پاڙي جي سڀني گهرن جي چوڌاري وڏي پناھ جي ڀت هوندي هئي. (۽ آهي) ۽ سڀ گهر ڀتين کان آجا. تون آسانيءَ سان هي نه هي مهل ايندي ويندي هئين. تڏهن ڪا ڳالھ پڇندي هئين ته ڪڏهن ڪا ۽ هلي ويندي هئين. تڏهن دل کي ڏاڍي سٽ ايندي هئي بي ساهو ڪري هر روز ڪا نئين ادا، ڪا نئين ياد ڇڏي ويندي هئينءَ ۽ تنهنجي وئي پڄاڻان يادن جا اهي سندر پل هميشه منهنجي سيني سان ڪنهن سندرتا سمان چنبڙيا پيا هوندا هئا. ان ڏينهن به بس ۾ موهن جي دڙي ڏانهن ويندي (شايد) بي سڌ چپ چپ پنهنجي سهيليءَ سان ويٺي رهي هئينءَ. هٿ ۾ هڪ بلو ڊائري ۽ هڪ شولڊر پرس هيئي ۽ مان ڪنهن بت جيان (چور نظرن سان) مسلسل گهور نهار ساڻ بي حد پاٻوھ منجهان تو ڏانهن ئي ڏسي رهيو هئم. تون پنهنجي لپ اسٽڪ لڳل چپن کي هر هر پئي ڀڪوڙيو هو ان گهڙيءَ مون ڀانيو هو ڄڻڪ تون تن اندر منهنجي مسلسل نهارڻ جي تاوَ کي محسوس ڪري رهي هئينءَ. رکي رکي تنهنجا نيڻ ٽڪ ٻجهي پئي ويا هئا. منهنجي من ۾ ان پل تنهنجي حرڪتي نيڻن جي ٽڪ هورا کورا لائي ڏني هئي. ڊرائيور به ان گهڙيءَ سٽ ڏئي ٽيپ هلائي ورتي هئي. الائي جي ڪئين ٽيپ هلائڻ جو جن چڙهيو هئس. ان پل منظور سخيراڻيءَ جو گانو پئي وڳو.
سکي ستائيندي نه ڪر سکي نٽائيندي نه ڪر
ملئون جي ڪنهن به موڙ تي ۽ توکان دل جي زور تي
مثال هي سوال ڪيان، تون چئه ته تنهنجو ڇا ٿيان
کلي نٽائيندي نه ڪر، سکي ستائيندي نه ڪر
ايتري ۾ موهن جي دڙي تي پهچي چڪا هئاسين. بس جي بيهڻ شرط ئي ٻار ٺينگ ٽپا ڏئي لهي ويا هئا. مايون به لهي ڦر ڦر هلنديون ويون هيون. مان سڀني کان اڳ ۾ تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻي وڃي اسٽوپا تي پهتو هئس. شايد اتان کان توکي ايئن ايندي ڏسڻ لاءِ دل ئي گهريو هو يا تنهنجن ڪارن نيڻن ۾ پنهنجي اکين جي سنهي سنهي ڏور اڙائي دل جي زور تي پاڻ ڏي ڇڪي آڻڻ لاءِ من پئي چاهيو. ان پل اسٽوپا ڏانهن وڌڻ لاءِ تون به وک وک وڌي رهي هئينءَ. تنهنجي ايئن وک وک وڌڻ سان دل ۾ عجيب قسم جي جهنڪار پئي ٿي. ان گهڙيءَ هر ڪنهن ٽولن ٽولن ۾ گھمڻ جا پروگرام پئي سِٽيا. تو (شايد) ڪنهن سان گڏ وڃڻ کان نابري واري هئي. پنهنجي سهيليءَ سان خاموش بيٺي هئينءَ. ڪنهن اسٽينڊ ڪيمرا جيان، توهان ٻنهي موهن جي دڙي جي نظارن کي مڙي مڙي پئي ڏٺو. مون به هڪ گهور نظر تو ڏانهن اماڻي هئي. ڀانءَ ته ڪو مڌُ ڀريو پيغام هڪ ٻئي ڏي پئي موڪليو هئوسين، چپ چپات ۾ ڄڻ هڪٻئي کي سڏيو هيوسين. تون وڌي آئي هئينءَ. تنهنجي سهيلي توسان گڏ هئي. اسين اسٽوپا جي اولاهين پاسي کنڊرن ۾ بيٺا رهيا هئاسين. تنهنجي خاموش سهيلي ڄڻ سِرون پئي ڳڻيون. اکين سان ڄڻ کنڊرن کي پئي ماپيائين. تو اڃا به وڌيڪ ويجهو ٿي آئي هئين ۽ تنهنجي سهيلي پرڀرو هئي. لفظ ڄڀ تي لهرن سمان ڊوڙڻ لڳا هئا، پر آواز موئن جي دڙي جي اڻ کوٽيل دڙن جيان احساس ڪمتريءَ جي ڀوَ ۾ دٻيو رهيو. مون وري تنهنجي نيڻن منجھ ڏٺو هئو ۽ تنهنجي نيڻن جي هن پار هليو ويو هئم. هن پار اڻ سٽيل، بي ترتيب ۽ وکريل ڪٿا منهنجي بي معنيٰ ۽ بي مقصد وجود وانگي ڪا اڌوري ڪهاڻي پئي ڀاسي. ان گهڙيءَ اسان ٻنهي ۾ بي حد ويجهڙائي هئي. اسان ٻنهي وچ ۾ هڪ ٿلهي بلو ڊائري هڪ عدد ڪتاب پيا رهيا. منهنجون ستايل اکيون رکي رکي تنهنجي لپ اسٽڪ لڳل چپن منجھ کپي پئي ويون. ان ويرم دل خوب چاهيو هو ته تنهنجي لپ اسٽڪ لڳل چپن تي پنهنجا چپ رکي ڇڏيان تنهنجي رات کان به وڌيڪ ڪارن وارن سان کيڏان. چمڪيلن نيڻن ۾ نيڻ اٽڪائي ڇڏيان. تنهنجي بخملي جسم کي ٻکيان، تنهنجي ارھ جي اڀار کي کن لاءِ ۽ پوءِ هميشه لاءِ ڇهي وٺان، پر ٻي ويرم سمجھ ۾ ڪجھ به نه آيو هئم. آسون نراسن ۾ مٽجي پل ۾ سڙي خاڪ ٿي ويون هيون. ان سمئه سوچيو هئم ڳالھ ڪيئن شروع ڪيان. ان بهاني مون وچ ۾ رکيل تنهنجي ڊائري کڻي ورتي هئي. ڪجھ سٽون لکڻ لاءِ دل تي زور ڀريو هئم.
”ڇا ٿو لکين؟!“
موٽ ۾ تو ڳالهائڻ شروع ڪيو هو. ڪنڌ خم ۾ بيٺو رهيو. ڪجهه به نه چئي سگهيو هئم. آواز اندر ئي ڀانءِ ته صليب چڙهي ويو هو. ڊائريءَ سٽون لکڻ بعد نظرون کڻي. انهن سٽن جيڏي گهرائپ ۽ اونهائپ سمان تو ڏانهن هڪ ڀيرو گهور نهار اڇلائي هئم. تون چپ هئينءَ. پوءِ تو کن ۾ ڊائري وٺي شعر پڙهي ورتو هو.
تون تنهنجي يادن کي ڇاهي
ڀوڳيون ته يار اسان ٿا
ننڊون ئي ويندا کسي
سپنن کي ڇاهي
ڀوڳيون ته يار اسان ٿا (اياز گل)
تو سٽن پڙهڻ بعد اونهي نهار سان مون ڏانهن ڏٺو هو. مان تن اندر تائين لرزي ويو هئم ۽ مرڪ تنهنجن چپن تي پر ساهڻ لڳي هئي. پوءِ تو کل جي گاڏڙ لهجي ۾ چيو هو.
”ڪير ٿو ڀوڳي، ڪنهن جون يادون؟!!“
”تنهنجون يادون“
”منهنجون يادن لاءِ تون ڀوڳين ٿيون“
”هون“
تون کلي پئي هئينءَ. مان ڀوَ جي ڀاونائن منجھ ٻڏي ويو هئم. وري تون ٽهڪ ڏئي ورتو هو. تنهنجا ساڙيندڙ ٽهڪ هوائن جي طرف اڏرڻ لڳا هئا. مان مسلسل توڏانهن ئي ڏسي رهيو هئم. ان سمئه تنهنجي روش تن کي تندور بڻائي ڇڏيو هو.
”پر ڇو!؟“
تو ويرم رکي ڳالهايو هو. تنهنجي سوال ڪرڻ تي مان وري ٻري پيو هئم. دل جي باھ جهڪي ڪرڻ لاءِ چيو هئم.
”انهيءَ ڪري جو تون وڻندي آهين ۽ توکي چاهڻ لڳو هان. تنهنجي آس کي پالڻ شروع ڪيو اٿم“
ڏاڍي زور سان اهي جملا اڪليا هئم. تڏهن تون به مون وانگي سنجيده ٿي وئي هئينءَ. ڀانيم ته سڀ ڪجھ سمجهي ورتو هيئي. ڄڻ منهنجي چاهت تنهنجي اندر ۾ ککندي رهي هئي. پوءِ تون الائي جي ڇو ڪجھ چوڻ کان نابري واري پنهنجي سهيليءَ سان گڏ اسٽوپا کان ڀٺيري ٿي هلي وئي هئينءَ. مان به تنهنجي پويان بنا ڏور جي ڇڪجي آيو هئس. توهان ٻئي ڇم ڇم هلندي ميوزم جي اڳ واري ڇٻراٺي تي ويهي رهيون هيون. مان به هلندو هلندو اچي ويهي رهيو هئم. مان تون ۽ تنهنجي خاموش سهيلي. ٽنهي ڪجھ به نه ڳالهايو هو. معمولي ٿڌاڻ هئي، پر پوءِ به مان سٽ ڏيئي بوتلون وٺي آيو هئس. ٽنهي بوتلن جو پڪليون کوليون هئم. مان ڄڻ انهن پڪلين جيان کلي پيو هئم. (تنهنجو نالو ته …. هو پر مان توکي مشا ڪوٺيندو هئم) ان ويرم لفظ اندر ۾ بولاٽيون کائيندا رهيا هئا. پوءِ اندر تي زور آڻيندي چيو هئم.
”مشا مان توکي ديوانگيءَ جي حد تائين چاهيو آ. ڇا توکي احساس ناهي يا مان تنهنجي ٿي پوڻ جي لائق ناهيان“
ڳالهائيندي ڳالهائيندي اکيون ڳوڙهن ٻڏاڻيون ٿي پيون هيون. تنهنجي سهيلي رڪارڊنگ ٽيپ جيان ٻڌندي ڄڻ ڀريندي رڪارڊ ڪندي رهي هئي. تو منهن تان بوتل لاٿي هئي. منهنجي تن اندر لفظن ٽاڪوڙو مچائي ڏنو هو.
”مشا منهنجي چاهت تنهنجي لاءِ ڀوڳ آ. هان ٻڌاءِ..؟!“
مان ڀانءَ ته وري روڻهارڪو ٿي پيو هيم. تنهنجي جواب ٻڌڻ لاءِ بي قراري وٺي وئي هئي.
”مان به توکي اوترو ئي چاهيندي آهيان“
تون ڄڻ ٽڙڪو ڏئي ڳالهائي پئي هئينءَ. تنهنجا اظهاريل لفظ اهي مست لفظ فضا ۾ وکري منهنجي جيت تي ڄڻ جهومي رهيا هئا. ڏاڍو خوش هئس. تنهنجو اهو ڳالهائڻ ٻڌي اندر خوشيءَ جي احساس ۾ ڀرجي ويو هو. اکيون احساساتي روپ ڌاري سرهائيءَ منجهان ڄرڪڻ لڳيون هيون.
”پر توسان ميريج نه ٿي ڪري سگهان“
وري تون بي رخو ۽ بي رحم ڳالهائي پئي هئينءَ. اندر سڙي خاڪ ٿي ويو هئم. آواز کي گُھٽ کائي وئي هئي. من ڄڻ ڪنهن پٿريلي شيءَ تي لڳي ٻه اڌ ٿي پيو هو.
”پر…… پر ڇو؟!“
پل ۾ لهجو ڄڻ معذور ٿي ويو هو. وري به خاموشيءَ جي تهن ۾ ويڙهجي ويو هئم. کن لاءِ رڳن ۾ رت جو وهڪرو برف ٿي ويو هو. وائڙو ٿي ويو هئم.
”مون کي تنهنجي ڊيپ لَو جو احساس آ“
امالڪ تنهنجي آواز وري سانت کي چيري ويو هو.
”۽ شايد محسوس به ڪيان ٿي ته تنهنجي مٿان منهنجو شاديءَ جو انڪار قهر ٿي ٽٽو هوندو“
تنهنجو ڳالهائڻ ٻڌي زورن منجهان خشڪ نڙي کي ڳيت ڏئي ورتي هئم. اندر منجھ جهير پئجي ويا هئا. ڄڻ وڍجي ويو هئم.
”منهنجو پنهنجي زندگيءَ جي هيٺاهين مٿاهين ۾ ڪو به عمل دخل ڪونهي“
تون ٻئي پل وري سيريس ٿي وئي هيئنءَ
”مالڪن جي هٿ وس آهيان“
”امان منهنجو رشتو پنهنجي سوٽ وٽ ننڍي هوندي يا منهنجي ڄمڻ کان اڳ ئي طئي ڪري ڇڏيو هو. جيڪي بخشاڻي شاھ جي ڳوٺ ۾ رهندا آهن ۽ اها منهنجي رشتي جي ڳالھ صرف اسان تائين محدود آ“
”پر مشا“
مان حيران ٿي ويو هئم. مونجھ ڏنگي وڌو هو.
”تنهنجي ڄمڻ کان اڳ ڪئين“
مون وائڙو ٿي سوال ڀڇيو هو. منهنجي ان چوڻ تو ڄڻ سمجهايو هو.
”ڏاڏا وارن بابا جي لاءِ امان جي سڱ جي گهر ڪئي هئي ۽ بدلي ۾ پيٽ لکي ڏنو هئائون ۽ ان پيٽ جي چڪر ۾ مان ان جي عيوض ۾ ويندم ۽ ٻيو ته جنهن سان منهنجي شادي ٿيندي اهو اڳ ۾ به پرڻيل آهي“
تو ائين چئي ڪنڌ جهڪائي ڇڏيو هو، پر تنهنجي ان المياتي آواز منهنجي اندر کي ٻوساٽي ڇڏيو هو. پرڻيل جو لفظ ٻڌي وجود ڪنبي ويو هئم. چپ کڻي وئي هئم. آواز اندر ۾ ئي پئي ٿاٻا کاڌا…
***

